| ميرپورخاص ۾ جديد راند فٽبال ٽيسن جا مقابلا: ڪراچي ۽ شهيد بينظير آباد چيمپئن بڻجي ويا |
ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ميرپورخاص ۾ فٽبال ٽيسن جا مقابلا شهيد بينظير آباد ۽ ڪراچي چيمپين بڻجي ويا. راندين واري کاتي جي نگراني هيٺ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو اسپورٽس ڪمپليڪس ۾ سنڌ سطح تي نئين متعارف ٿيل ڦٽ بال ٽيسن جا مقابلا منعقد ڪيا ويا، مقابلن ۾ ڪراچي. حيدرآباد. سانگهڙ، شهيد بينظير آباد، سکر، نوشهروفيروز ۽ ٽنڊوالهيار سميت 16 ضلعن جي رانديگرن حصو ورتو، مقابلن جي گرلز ڪيٽيگري جي فائنل ۾ شهيد بينظير آباد جي ٽيم ميرپورخاص کي هڪ جي مقابلي ۾ ٻن سيٽن تان شڪست ڏئي چيمپئن بڻجي وئي. جڏهن ته بوائز ڪيٽيگري ۾ ڪراچي جي ٽيم حيدرآباد جي ٽيم کي هڪ جي مقابلي ۾ ٻن سيٽس تان شڪست ڏئي بوائز چممپئن بنجڻ جو اعزاز حاصل ڪيو ان موقعي تي ڪمشنر ميرپورخاص جلال الدين مهر چيو ته ج ميرپورخاص ۾ منعقد ٿيل جديد ۽ نئين راند پهريون ڀيرو ڏٺي جنهن ۾ رانديگرن جي ٽيلينٽ کي ڏسي وڏي خوشي ٿي آهي منعقد ٿيل مقابلن ۾ سنجي مختلف ضلعن جي رانديگرن ۽ رانديگرياڻين جي شرڪت مان نوجوانن ۾ راند جو شوق موجود هجڻ جو ثبوت ملي ٿو اسان جي ڪوشش رهندي ته اسڪول ڪاليج جي رانديگرن سميت خانگي ٽيمن کي به راندين جا بهتر موقعا فراهم ڪري سگهون ان موقعي تي خطاب ڪندي ضلعي اسپورٽس آفواش سيو مالهي چيو ته راندين واري صوبائي وزيرسردار محمد بخش مهر جي هدايتن تي هي مقابالا منعقد جرايا ڳيا آهن اسان جي ڪوشش آهي ته ميرپورخاص ضلع ۾ راندين جا وڌ ۾ وڌ مقابلا منعقد ڪيا وڃن ته جيئن رانديگرن کي پنهنجو ٽيلينٽ ظاهر ڪرڻ جو موقعو ملي سگهي