ميرپورخاص ۾ زميني  تڪرار تان  خوني جهيڙو، فائرنگ، وڪيل قتل، چوڪيدار زخمي، 13 گرفتار

ميرپورخاص ۾ زميني  تڪرار تان  خوني جهيڙو، فائرنگ، وڪيل قتل، چوڪيدار زخمي، 13 گرفتار

ميرپورخاص(رپورٽ: وارث خاصخيلي/فهد سلطان چانڊيو) ميرپورخاص ۾  تعمير ٿيندڙ رھائشي جي آر ڪالوني جي ديوار ٺاھڻ وارو پراڻو تڪرار ٻيھر ڀڙڪي پيو،  لاشاري ۽ چوڌري برادري جي ٻن ڌرين ۾ خوني جهيڙي دوران ڇتي فائرنگ ڪئي وئي، گوليون لڳڻ سبب رھائشي ڪالوني جو مالڪ وڪيل چوڌري شهزاد جٽ قتل ٿي ويو , سندس چوڪيدار صابر مغل زخمي ٿي پيو، ٻنھي کي سول اسپتال ميرپورخاص آندو ويو،  اطلاع تي سيٽلائيٽ  ٽائون پوليس ۽ مقتول جي وارث پھچي مڙھ کي سول اسپتال منتقل ڪيو جتان ضروري ڪاروارين بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو , لاش پھچڻ تي سندس گھر ۾ ڪھرام  مچي ويو، علائقي ۾ سوڳ ڇانيل آھي، ميرپورخاص پوليس لاشاري برادري جي الزام ھيٺ آيل 13 جوابدارن کي حراست ۾ وٺي وڌيڪ جانچ شروع ڪري ڇڏي، وڌيڪ الزام ھيٺ آيل جوابدارن جي گرفتارين لاءِ ڪاروايون جاري آھن کين جلد گرفتار ڪيو ويندو ۽ ـ ھوڏانھن واقعي جو اطلاع ملڻ تي ايس ايس پي ميرپورخاص ثمير نور چنا وڏن پوليس اٽالن سان گڏ واقعي واري جاءِ تي پھچي ويو ۽ جوابدار ڌر جي ڳوٺ کي مڪمل گھيري ۾ آڻي پوليس گھر گھر تلاشي ورتي، جڏهن ته گرفتار  ٿيلن جا نالا  ظاھر نه ڪيا ويا، مقتول جي تدفين بعد وارثن جي اچڻ تي ڪيس  داخل ڪيو ويندو.
 

زمين اسان جي هئي، چوديواري ڏياري ته حملو ڪيو ويو: وارث

ميرپورخاص : مقتول جي  وارثن جو چوڻ آهي ته زمين اسان خريد ڪئي هئي، اڄ چوديواري ڏئي رهيا هئاسين ته لاشاري ڌر جي ماڻهن حملو ڪيو، اسان جو وڏو ۽ سهارو کسيو ويو،  جوابدار گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي،
 

روينيو وارن ڪم خراب ڪيو، پوليس ڀت جي ڪم دوران سيڪيورٽي نه ڏني: وڪيل
 

ميرپورخاص: مقتول جي دوست وڪيلن هاءِ ڪورٽ بار جي صدر مير پرويز ٽالپر، ڊسٽرڪٽ بار جي صدر افضل ڪريم ورڪ، وڪيل ياسر شيخ ۽ ٻين چيو ته ادارن جي نااهلي سبب چوڌري شهزاد قتل ٿيو آهي ڇاڪاڻ ته جنهن زمين تي جهيڙو ٿيو اها زمين ڪورٽ ذريعي مقتول شهزاد کي ملي هئي ان جو مطلب ته اها زمين هن جي هئي، هنن چيو ته روينيو عملو صحيح  ڪم ڪري ها ته هي معاملو ڪافي عرصو اڳ حل ٿي وڃي ها، عدالت پاران حڪم ڏنو ويو ھو ته ڀت جي ڪم دوران پوليس سيڪيورٽي ڏني وڃي پر پوليس اها نه ڏني، هنن چيو ته پوليس کي گهرجي جلد واقعي جو ڪيس داخل ڪري مک جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي.
 

مقتول جا وارث جذباتي، ڊي سي تي حملي جي ڪوشش، محافظن بچايو
 

ميرپورخاص: ايس ايس پي ميرپورخاص سمير نور چنا ۽ ڊپٽي ڪمشنر ڊاڪٽر رشيد مسعود سول اسپتال پهتا ته مقتول جي وارثن پاران ڊپٽي ڪمشنر تي حملو ڪرڻ جي پڻ ڪوشش ڪئي جتي ايس ايس پي جي سيڪيورٽي ڊپٽي ڪمشنر کي اتان بچائي روانو ڪيو،
 

تڪراري ڪالوني بابت فيصلو به ٿيل هو، لاشاري ڌر تي اڳرائي جو الزام
 

ميرپورخاص:  رابطو ڪرڻ تي ايس ايس پي ميرپورخاص پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته ھلندڙ پراڻي تڪرار جو فيصلو ٿيل ھو ۽ ڪالوني مالڪ گذريل ڏينهن کان پنهنجي ڪالوني لاءِ خريد ڪيل زمين تي ديوار ڏياري رھيو ھو ۽ اڄ جيئن ڪالوني ۾ پھتو ته لاشاري برادري جي ماڻهن حملو ڪري کيس گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو
 

علائقي  ۾ خوف وهراس، جوابدار ڌر جا مرد گهر خالي ڪري ويا
 

ميرپورخاص: تازي قتل واري واقعي کانپوءِ علائقي ۾ خوف و هراس واري صورتحال ڇانيل آھي، پوليس جي ڇاپن بعد لاشاري برادريءَ جا مرد گھر خالي ڪري ويا آھن، جڏھن تھ گھرن اندر رڳو عورتون ۽ ٻار موجود آھن.