ميرپورخاص ۾ قتل وڪيل کي 9 گوليون لڳيون، پوسٽ مارٽم رپورٽ پڌري

ميرپورخاص ۾ قتل وڪيل کي 9 گوليون لڳيون، پوسٽ مارٽم رپورٽ پڌري

ميرپورخاص(بيورو رپورٽ) زمين جي تڪرار تان قتل ٿيل وڪيل چوڌري شھزاد جٽ جي پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ سندس جسم جي مختلف حصن ۾ 9 گوليون لڳڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ان ڏس ۾ سيٽ لائيٽ ٽائون ٿاڻي جي حد ۾ چوڪا فيڪٽري ويجھو نئين ٺھندڙ ڪالوني جي مالڪ وڪيل شھزاد جٽ جي قتل بعد سندس پوسٽ مارٽم رپورٽ پڌري ڪئي وئي آھي. سول اسپتال مان جاري ڪيل شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آھي تھ مقتول جو موت گوليون لڳڻ ۽ گھڻو رت وھي وڃڻ سبب ٿيو آھي. پوسٽ مارٽم رپورٽ موجب مقتول چوڌري شھزاد جٽ جي دماغ، ٻانھن، سيني ۽ ران سميت جسم جي 09 حصن ۾ گوليون لڳڻ جا نشان مليا آھن، جڏھن تھ ھڪ گولي باڊي ۾ موجود ھئي. واضح رھي تھ ھڪ ھفتو اڳ لاشاري برادري ۽ ڪالوني مالڪ شھزاد جٽ وچ ۾ نئين ٺھندڙ ڪالونيءَ جي ديوار کڻڻ تان جھيڙو ٿيو ھو، جنھن جي نتيجي ۾ وڪيل شھزاد جٽ مارجي ويو ھو. ٻنھي ڌرين ۾ زمين جي حد بنديءَ تان گذريل 28 سالن کان تڪرار ھلندڙ ھو. شھزاد جٽ جو قتل ڪيس لاشاري برادريءَ جي 9 سڃاتل ۽ 6 اڻڄاتل جوابدارن خلاف داخل ڪيو ويو ھو، جنھن مان ھن وقت تائين 2 جوابدار گرفتار ٿيل آھن، جيڪي جڊيشل ڪسٽڊي تحت جيل حوالي ٿيل آھن.