ميرپورخاص ۾ مبينا قتل ٿيل نيها چوهاڻ جي قبرڪشائي: لاش جو ايڪسري، 14 جزا ورتا ويا

ميرپورخاص ۾ مبينا قتل ٿيل نيها چوهاڻ جي قبرڪشائي: لاش جو ايڪسري، 14 جزا ورتا ويا

ميرپورخاص(بيورو رپورٽ) ٽي هفتا اڳ محمودآباد ٿاڻي جي حد ريلوي ڪالوني ۾ مبينا قتل ٿيل ناري نيها جي موت جا ڪارڻ ڄاڻڻ لاءِ عدالتي حڪم تي جوڙيل ميڊيڪل بورڊ پاران قبرڪشائي ڪري ناري جي لاش جا 14 جزا کڻي روانو، خبر موجب ٽي هفتا اڳ محمود آباد ٿاڻي جي حد ريلوي ڪوارٽرز ۾ مبينا قتل ٿيل ناري نيھا جي موت جا اصل سبب معلوم ڪرڻ جي سلسلسي ۾ ايس ايس پي ميرپورخاص ثمير نور چنا جي درخواست بعد عدالتي حڪم تي ڊي جي هيلٿ سروسز پاران جوڙيل ميڊيڪل بورڊ پاران ناري جي قبرڪشائي ڪئي، ڊي جي ھيلٿ پاران جوڙيل ميڊيڪل بورڊ ۾ ڊاڪٽر وسيم خان پوليس سرجن حيدرآباد ۽ لمس يونيورسٽي جا پروفيسر ڊاڪٽر عبدالصمد ميمڻ، ڊاڪٽر فرقان ڀٽي، ڊاڪٽر عاقب ڊاڪٽر فھميده شامل هئا جن جوڊيشل مئجسٽريٽ ون حنا رشيد جي نگرانيءَ ۾ مقامي قبرستان پھچي قبر ڪشائيءَ بعد پوسٽ مارٽم لاءِ فوتڻ جي جسم مان 14 جزا ورتا ۽ ايڪسري پڻ ڪيا ويا. جنهن بعد ميڊيڪل ٽيم روانو ٿي وئي آهي، واضح رھي تھ ڪجھ عرصو اڳ ناري نيھا جو گھر اندران لاش مليو ھو، جنھن کي سول اسپتال نيو ويو ته سندس مائٽ ۽ پاڙي جي ھڪ عورت بنا پوسٽ مارٽم جي لاش کڻي ويا ھئا، جنھن کان پوءِ فوتڻ ناريءَ جا واٽس اپ تي ڪيل وائيس نوٽيس وائرل ٿيا، جنھن ۾ ھوءَ پنھنجي والدين تي مٿس دٻاءُ ھجڻ بابت ٻڌائي رھي ھئي، ان بعد پوليس فوتڻ جي والد، والده، پاڙي جي ھڪ عورت سميت 5 ڄڻن کيس گرفتار ڪري ورتو ھو ۽ واقعي جو ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو ھو. جاچ دوران سندس امڙ عاشر پاران ناري کي گهٽا ڏئي قتل ڪرڻ جو اعتراف پڻ ڪيو هو.