| ميرپورخاص ۾ مولويءَ پاران نينگر سان مبينا بدفعلي |
ميرپورخاص(بيورو رپورٽ) ميرپورخاص تعلقي ٿاڻي جي حد گلشن عليم ۾ مسجد جي مولوي يوسف پاران 9 سال جي معصوم نينگر محمد ريان جٽ سان مبينا بدفعلي جو انڪشاف ٿيو آهي، جڏھن ته ان ڏس ۾ مبينا زيادتي جو نشانو بڻيل نينگر جي چاچي سلمان ارشد جٽ پاران ٿعلقي ٿاڻي تي مولوي يوسف خلاف ڪيس داخل ڪرايو ويو آهي جنهن ۾ فريادي موقف اختيار ڪيو آهي ته منهنجو ڀائيٽو محمد ريان جيڪو گلشن عليم ڪالوني ۾ واقع مدرسي ۾ مولوي محمد يوسف وٽ ديني تعليم حاصل ڪندو آهي، مولوي يوسف گزريل ڏينھن شام ڌاري سندن گھر آيو ۽ چيائين تھ نماز جو ٽائم ٿي ويو آھي، ان ڪري ھو ريان کي وٺڻ آيو آھي، جنھن بعد مولوي ريان کي پنھنجي گھر وٺي ويو ۽ اتي ساڻس زبردستي بدفعلي ڪئي. فريادي موجب معصوم نينگر اھڙي ڳالھ واپس اچي کين ٻڌائي. ھوڏانھن ڪيس داخل ٿيڻ باوجود الزام ھيٺ آيل جوابدار اڃا گرفتار ناھي ٿي سگھيو.ان موقعي تي ايس ايچ او تعلقي سنجي ڪمار ٻڌايو ته واقعي جي اطلاع بعد ڪيس داخل ڪري جاچ ڪري رهيا آهيون، نينگر جو ميڊيڪل ڪرايو آهي جڏهن ته جلد جوابدار کي گرفتار ڪري ميڊيڪل ڪرايو ويندو،