ميرپورخاص ۾ ناري پراسرار گولي لڳڻ ڪري فوت، قتل جا چوٻول، ڀاءُ گرفتار

ميرپورخاص ۾ ناري پراسرار گولي لڳڻ ڪري فوت، قتل جا چوٻول، ڀاءُ گرفتار

ميرپورخاص(رپورٽ: وارث خاصخيلي) ميرپورخاص جي علائقي گلشن ڪالوني ۾ پراسرار نموني گولي لڳڻ سبب پنهنجي ئي گھر ۾ 18 ورھين جي صائمه ملڪ مارجي وئي. علائقي ۾ ڀاءُ پاران کيس قتل ڪرڻ جا چئو ٻول  آهن، اطلاع تي سيٽلائيٽ ٽائون جي ڊي ايس پي اسلم جاگيراڻي سميت پوليس جي وڏي نفري پھجي مقتول ناري جي لاش کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي سول اسپتال منتقل ڪيو جتا ضروري ڪارواين بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو ، ٻئي طرف سيٽلائيٽ ٽائون پوليس الزام ھيٺ آيل مقتول ناري جي ڀاء عابد ملڪ کي پسٽل سميت گرفتار ڪري جانچ شروع ڪري ڇڏي آھي، رابطو ڪرڻ تي ايس ايس پي ڊاڪٽر سمير نور چنا پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته ناري جي مارجي وڃڻ جو نوٽيس ورتو آھي ٻن ڊي ايس پيز سميت ٽي رڪني ڪميٽي جوڙي شفاف انڪوائري جي ھدايت ڪئي آھي، ھوڏانھن وارثن پاران مذاق مذاق ۾ ٻارڙن کان پستول جو فائر ٿيڻ بعد گولي لڳڻ سميت مختلف بيان ڏنا پيا وڃن، آخري اطلاع تائين ڪو به ڪيس داخل ٿي نه سگهيو ھو ۽ علائقي ۾ ڏک واري لھر ڇانيل ھئي.