ميرپورخاص ۾ نينگري جو گهر مان لاش هٿ: ڌڪ جا نشان، 2 ڀائرن سوڌو 6 ڄڻا گرفتار

ميرپورخاص(رپورٽ: فهد سلطان چانڊيو) ميرپورخاص ۾ خميس رات دير سان سيٽلائٽ ٽائون ٿاڻي جي حد ڪريم ٽائون ۾ 17 سالن جي نينگري انوشا آرائين جو گهر مان لاش هٿ آيو، جنهن بعد رڙيون ٻڌڻ بعد پاڙيوارن حد جي پوليس کي اطلاع ڏنو، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهتي، جتي وارثن پاران مزحمت ۽ پوسٽ مارٽم کان انڪار ڪرڻ تي پوليس بنا ڪاروائي جي واپس ٿاڻي تي رواني ٿي وئي، اهڙو معاملو ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي اچڻ بعد ڊي آءِ جي ميرپورخاص ڪيپٽن رٽائرڊ فيصل عبدالله چاچڙ نوٽيس ورتو. سندس حڪم تي  حد جي پوليس سميت ليڊي پوليس اھلڪار نينگري جي گھر پھتا، جتي وارثن دروازا بند ڪري ڇڏيا، جنھن کان پوءِ پوليس دٻاءُ وجھي نينگري جو لاش سول اسپتال پھچايو، جتي نينگري جي مامن ۽ ٻين وارثن پوليس سان جھيڙو ڪيو ۽ ڪم ۾ رڪاوٽون وڌيون. پوليس نينگري جي ٻن ڀائرن بلال، بابر ۽ ٽن مامن رضوان، جميل، عقيل ۽ ھڪ ٻئي شخص عاصم کي جاچ جي سلسلي ۾ حراست ۾ وٺي ڇڏيو.پوليس ذريعن موجب نينگري جي ڳلي تي بيلٽ يا رسي سان گھٽي جھڙا نشان موجود ھئڻ سان گڏوگڏ اکين جي ھيٺان، ھٿن ۽ پيرن تي زخمن جا نشان موجود آھن.
 

نينگري جو لاش ملڻ بابت جاچ ڪميٽي قائم، امڙ جو بيان

ميرپورخاص:  ڊي آجي فيصل عبدالله ايس ايس پي سهائي عزيز جي سربراهي ۾ جاچ ڪميٽي قائم ڪئي جنهن جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، ايس ايس پي سھائي عزيز جاچ جي سلسلي ۾ نينگري جي گھر پھتي، نينگري جي ماءُ ۽ ڀيڻ کان معلومات ورتي ۽ ڪرائم سين جو جائزو ورتو. ايس ايس پي چيو تھ نينگري جي والدا ۽ ڀيڻ سان ملاقات ڪئي آھي، انھن جا بيان رڪارڊ ڪيا آھن، في الحال جيتري معلومات ملي آھي، اھا ايتري ميچوئر ناھي جو ميڊيا سان شيئر ڪري سگھجي.
 

نينگري جو موت ڪيئن ٿيو؟ اهو پوسٽ مارٽم رپورٽ بعد پتو پوندو: ايس ايس پي
 

 ميرپورخاص: جاچ ٽيم سربراهه ايس ايس پي سھائي عزيز ٽالپر ان ڳالھه جي تصديق ڪئي تھ نينگري جي جسم تي واقعي ڌڪن جا نشان موجود آھن. ھن وڌيڪ چيو تھ اھي ڌڪ ڪھڙي نوعيت جا آھن، ڇا واقعي انھن ڌڪن جي سبب سندس موت ٿيو آھي يا ڪا ٻيا سبب آھن؟ ان ڏس ۾ مختلف رخن کان جاچ ڪئي پئي وڃي. ھن وڌيڪ چيو تھ في الحال شڪ جي بنياد تي جاچ لاءِ ڪجهھ ماڻھن کان پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي. ايس ايس پي وڌيڪ چيو تھ اڃا پوسٽ مارٽم رپورٽ ناھي آئي، جيڪا اچڻ بعد ئي اڳتي جاچ کي وڌائبو تھ نينگري جو موت اتفاقي آھي، خودڪشي يا ڪي ٻيا سبب آھن؟ .