| ميرپورخاص ۾ وڪيل قتل بعد گھر ڊاهڻ خلاف ڌرڻو جاري: ڳوٺ کي ڀت ڏيڻ جو هلندڙ ڪم، ڳوٺاڻا پريشان |
ميرپورخاص(رپورٽ: فهد سلطان چانڊيو) ميرپور خاص ۾ زميني تڪرار تان قتل ٿيل وڪيل چوڌري شهزاد واري معاملي ۾ لاشاري برادري جا گهر ڊاهن، ڳوٺ جا رستا بند ڪرڻ ۽ پوليس /ڏسو صفحو 5 بقايا 46
ڪارواين خلاف لاشاري برادري جو ڌرڻو جاري رهيو. چوٿين ڏينھن ڳوٺ ۾ پيرسن عورت فوت ٿين سبب ڌرڻو ملتوي ڪيو ويو آهي ۽ اڄ کان ٻيهر پريس ڪلب اڳيان احتجاجي ڌرڻو ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، جڏھن ته پيرسن عورت بانو لاشاري جي نماز جنازي ۾ صوبائي وزير سياحت و ثقافت سيد زوالفقار علي شاه جي شرڪت ڪئي، هوڏانهن لاشاري برادري جا گهر ڊاهي رستا بند ڪرڻ لاء ڀت جو ڪم پڻ جاري آهي، جڏھن ته ڳوٺ کي ڀت ڏيڻ سبب پيرسن عورت جو مڙھ قبرستان کڻي وڃڻ ۾ ڳوٺاڻن کي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو، ڳوٺ جا گهر ڊاهڻ سبب ڳوٺاڻن وٽ پيئڻ لاء پاڻي تائين موجود ناهي، شهرين پاران ڳوٺاڻن لاء ٽينڪر ذريعي پاڻي پهچايو پيو وڃي، پيرسن عورت جي پٽ ممتاز لاشاري ٻڌايو ته سندس امڙ بيمار هئي جنهن سبب هو فوت ٿي وئي پر ڳوٺ کي ڀت ڏيڻ سبب امڙ جو مڙھ قبرستان تائين کڻي وڃڻ لاء رستو موجود نه هو، هن چيو ته اسان پاران انتظاميا خلاف ڌرڻو جاري رهندو. هوڏانهن صوبائي وزير ڪجھ ڏينھن اڳ وڪيل جي تڏي تي پهچي تعزيت ڪري روانو ٿيو هو جنهن بعد لاشاري برادري سندس مٿان شديد تنقيد ڪئي،
زمين اسان جي آهي، والد بي گناهه قتل ٿيو، عدالتي حڪم تي ڳوٺ کي ڀِت ڏياري رهيا آهيون: پٽ
ميرپورخاص ۾ ڳوٺ محمد علي لاشاري جي ڳوٺاڻن سان ناانصافين خلاف ڪراچي ۾ مظاهرو
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران آل پاڪستان لاشاري بلوچ هيومن رائيٽس ويلفيئر جي سڏ تي ميرپورخاص ضلعي جي قديمي ڳوٺ محمد علي لاشاري جي ڳوٺاڻن سان پوليس ۽ ضلعي انتظاميا جي مبينا ناانصافيون خلاف وڏي انگ ۾ شريڪ ٿي مظاهرو ڪيو ويو، مظاهرين جو چوڻ هو ته لاشاري ڳوٺ ڀرسان شهزاد چوڌري جي قتل جو بهانو بڻائي ڳوٺ محمد علي لاشاري تي ڪڙو چاڙهڻ خلاف ڳوٺ جون عورتون سياري جي ٿڌ ۾ ٽن هفتن کان سراپا احتجاج بڻيل آهن ، جڏهن ته ڳوٺ 1906ع کان قائم آهي۔ مظاهرين الزام لڳايو ته بلڊر جي چرچ تي پوليس ۽ ضلعي انتظاميا ميرپورخاص ڳوٺاڻن کي يرغمال بڻائي مک دڳ بلاڪ ڪري کين مختلف طريقن سان پريشان ڪيو پيو وڃي، اهڙن واقعن سان علائقي ۾ قبيلائي تڪرارن کي هٿي ملي رهي آهي، جيڪڏهن اختيارين طرفان فوري نوٽيس نه ورتو ويو ته وڌيڪ انساني جانيون ضايع ٿيڻ جو خدشو آهي۔ هنن وڏي وزير سنڌ، بلاول ڀٽو زرداري، فريال ٽالپر، گهرو وزير سميت پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ ايم پي اي سيد ذوالفقار شاهه مامري کان مطالبو ڪيو ته هو معاملي جو نوٽيس وٺي شفاف جاچ ڪرائين۔احتجاج جي اڳواڻي امداد علي لاشاري، ايڊووڪيٽ ثناء الله لاشاري، منظور لاشاري ۽ سراج الدين لاشاري سميت ٻين وڏي انگ م شرڪت ڪئي