| ميرپورخاص ۾ وڪيل قتل ڪيس ۾ ڪارروائيون: لاشاري برادري جا گھر ۽ اڏاوتون قبضو قرار، ڊاهي پٽ |
ميرپورخاص(رپورٽ: فهد سلطان چانڊيو) ميرپور خاص ۾ وڪيل قتل ڪيس ۾ ڪارروايئون: لاشاري برادري جا گھر ۽ اڏاوتون قبضو قرار ڏئي ڊاهي پٽ ڪيون ويون. ان ڏس ۾ ميرپورخاص ۾ مارجي ويل ڪالوني مالڪ وڪيل چوڌري شھزاد جٽ جي قتل کان پوءِ مبينا طور سندس ڪالونيءَ جي حدن ۾ ايندڙ لاشاري برادريءَ جي گھرن ۽ ٻين درجنين اڏاوتن کي اسسٽنٽ ڪمشنر غلام حسين ڪانيھو جي نگراني ۽ 5 ٿاڻن جي پوليس جي پھري ھيٺ ڊاھي پٽ ڪيو ويو آھي. ڊاٺل اڏاوتن ۾ پڪا گھر، گھرن جا ورانڊا، واش روم، ديوارون ۽ ٻيون اڏاوتون شامل آھن. اڏاوتون ڊاھڻ دوران لاشاري برادريءَ جون عورتون قرآن پاڪ کڻي دانھينديون رھيون تھ جيڪي ماڻھو ڪالوني مالڪ جي قتل ۾ ملوث آھن، انھن سان سندن ڪو بھ واسطو ناھي، ان ڪري سندن گھر نھ ڊاھيا وڃن. ان موقعي تي ڪيتريون ئي ھڪ 2 ماڙ گھر جي ڇت تي چڙھي ويون، جنھن دوران ڪنھن بھ نقصان کان بچڻ لاءِ ان گھر کي ڊاھڻ کان اسسٽنٽ ڪمشنر منع ڪري ڇڏي. ان موقعي تي ڳالھائيندي اسسٽنٽ ڪمشنر غلام حسين ڪانيھو چيو تھ ڪالونيءَ جي حد واري چار ديواري جي حدن اندر جيڪي اڏاوتون آھن، انھن کي ھٽايو ويو آھي تھ جيئن چار ديواري کي مڪمل ڪري سگھجي، باقي ٻي ڪنھن بھ اڏاوت کي ڊاٺو ناھي ويو. ھن چيو تھ ڪالونيءَ جي حدن ۾ ايندڙ اڏواتن کي ڊاھڻ لاءِ لاڳاپيل ماڻھن کي اطلاع ڏنو ويو ھو پر ھنن اھي اڏاوتون نھ ڊاٺيون، ھاڻ اسان ڊاھي رھيا آھيون. ھن چيو تھ ڪالونيءَ جي زمين تي جيڪا بھ ٻئي ڪنھن جي اڏاوت جُڙيل ھوندي، اھا ڊاھي پئي وڃي، باقي ٻئي ڪنھن بھ گھر کي نھ پيو ڊاٺو وڃي. هوڏانهن مارجي ويل ڪالوني مالڪ وڪيل شھزاد جٽ جي قتل ۽ ملوث جوابدارن جي گرفتاريءَ جي سلسلي ۾ جٽ الائنس جي اڳواڻن رزاق باجوا، مرزا سليم، خالد نواز جٽ، اصرار باجوا ۽ ٻين پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي تھ پنجابي ڳالھائيندڙ سنڌ ۾ پاڪستان ٺھڻ کان بھ اڳ جا آباد ٿيل آھن ۽ ھو پنھنجو پاڻ کي ھن ڌرتيءَ جو پٽ سمجھن ٿا ۽ ھو سنڌي ئي آھن. شھزاد جٽ جو قتل ھڪ سوچيل سمجھيل سازش آھي. ھنن چيو تھ قتل ۾ نامزد ڪيل ٻن جوابدارن کي تھ گرفتار ڪيو ويو آھي، باقي جوابدار اڃا تائين گرفتار ناھن ٿي سگھيا. ھنن چيو تھ جن ماڻھن بظاھر گوليون ھلائي شھزاد جٽ کي قتل ڪيو آھي، اھي غريب ماڻھو آھن، ھن قتل ۾ پس پردھ ڪي ٻيا ھٿ بھ شامل آھن، جن کي ظاھر ڪيو وڃي. ھنن چيو تھ ھن وقت پوليس جي جاچ ھلندڙ آھي، اسان ان ڏس ۾ وڌيڪ نٿا ڳالھائڻ چاھيون. ھنن روينيو ڊپارٽمينٽ تي تنقيد ڪندي چيو تھ ڪالونيءَ جي حدن مان قبضا اڳ ئي ھٽايا وڃن ھا تھ ھيڏي وڏو نقصان نھ ٿئي ھا پر روينيو ڊپارٽمينٽ وارن غفلت جو مظاھرو ڪيو ۽ قبضا نھ ھٽايا ويا. ھنن مطالبو ڪيو تھ قتل ۾ ملوث لڪل ھٿن کي ظاھر ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ سموري سنڌ سميت پاڪستان سطح تي احتجاجي مظاھرا ڪيا ويندا. ھنن سنڌ جي ماڻھن کي اپيل ڪئي تھ ھو ھن ڌرتيءَ سان محبت ڪن ٿا، ان ڪري اصل قاتلن جي گرفتاريءَ ۾ سندن ساٿ ڏنو وڃي.