| ميرپورخاص ۾ ٽريڪٽر ٽرالي چنگچي مٿان چڙهڻ بعد دڪان ۾ هلي وئي، 2 ڄڻا فوت، ڊرائيور گرفتار |
ميرپورخاص(رپورٽ: فهد سلطان چانڊيو) ميرپورخاص جي ٽائون ٿاڻي جي حد کاڻ ناڪي تي تيز رفتار ٽريڪٽر ۽ ٽرالي بريڪ فيل ٿيڻ سبب ھڪ چنگچي مٿان چڙھي وئي، جنھن کي گھليندي ٽريڪٽر ۽ ٽرالي بعد ۾ ھڪ مٺائي جي دڪان ۾ داخل ٿي وئي، حادثي سبب 2 ڄڻا ٿڏي تي فوت ٿي ويا، فوت ٿيلن ۾ حيدر علي ڪالرو ۽ تيرٿ داس ميگھواڙ شامل آھن، جڏھن تھ زخمين ۾ جھول واسي بالم ولد نٿو مل ميگھواڙ ۽ ھڪ شاگرد روي ولد شيوڪ ميگھواڙ شامل آھن. ھڪ زخمي بالم جي حالت ڳڻتي جوڳي ھئڻ سبب کيس حيدرآباد ريفر ڪيو ويو آھي. اطلاع ملڻ تي حد جي پوليس واقعي واري جاءِ تي پھچي وئي. بعد ۾ فوتين جي مڙھن ۽ زخمين کي سول اسپتال ميرپورخاص پھچايو ويو آھي. پوليس موجب ٽريڪٽر ٽرالي کي تحويل ۾ وٺي ڊرائيور فريد شيخ کي گرفتار ڪري ورتو آھي، معاملي جي جاچ ڪيون پيا، شروعاتي معلومات موجب واقعو بريڪ فيل ٿيڻ سبب پيش آيو آهي،هوڏانهن واقعي بعد صوبائي وزير ثقافت و سياحت سيد زوالفقار علي شاه پاران نوٽس وٺندي ايس ايس پي ميرپورخاص سيد فدا حسين شاه کان رپورٽ طلب ڪري ورتي