ميرپورخاص(بيورورپورٽ) ميرپورخاص ۾ محمودآباد ٿاڻي جي حد هاشم نگر ڀرسان تيز رفتار ٽرڪ ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر
جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار بخاري ٽائون جي رهواسي 25 سالن جو عمران ملڪاڻي ٿڏي تي فوت ٿي ويو. علائقي واسين پاران محمودآباد پوليس کي اطلاع ڏنو ويو جنهن بعد حد جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي سول اسپتال منتقل ڪيو
ان موقعي تي ايس ايچ او محمودآباد عابد نون ٻڌايو ته واقعو تيز رفتاري سبب پيش آيو آهي ٽرڪ کي تحويل ۾ ورتو آهي جڏهن ته ٽرڪ ڊرائيور فرار ٿي ويو آهي