ميرپورساڪرو جو ٽائون چيئرمين 5 ساٿين سميت گرفتار، اڻڄاتل هنڌ منتقل، پوليس لاتعلق
اپريل 28, 2025
ٺٽو(رپورٽ: اسماعيل ميمڻ) ٺٽو مڪلي پوليس پاران ٽائون ڪميٽي ميرپور ساڪرو جي چيئرمين اقبال خاصخيلي ۽ مقامي صحافي يوسف شاهين سميت 5 ڄڻن کي مبينا طور تي گرفتار ڪري نامعلوم هنڌ منتقل ڪيو ويو آھي جن جو اڃا تائين ڪوبه پتو پئجي ناھي سگھيو، جنھن ڪري گرفتار ٿيندڙن جا وارث سخت پريشان آھن ان ڏس ۾ ميرپور ساڪرو جي چيئرمين اقبال احمد خاصخيلي جي پٽ شھباز خاصخيلي رابطي ڪرڻ تي چيو آھي ته سندس والد اقبال خاصخيلي کي ضمانت ٿيڻ مڪلي ھيڊ ڪوارٽر پوليس پاران گھرايو ويو ھيو ۽ بعد ۾ ھتان کان ئي پوليس سندس والد سميت 5 ڄڻن کي گرفتار ڪري نامعلوم ھنڌ تي رکي ڇڏيو آھي، ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي ايس ايچ او مڪلي ٽائون چيئرمين اقبال خاصخيلي سميت گرفتار سمورن 5 ڄڻن جي گرفتاري کان لاتعلقي ڏيکاريندي چيو آھي ته ھن ڪو به ماڻھون گرفتار ناھي ڪيو، ھوڏانھن ذريعن جو اهو چوڻ آهي ته ميرپورساڪرو ٽائون ڪميٽي جي چيئرمين اقبال خاصخيلي ۽ ان جي ساٿين تي تازو ساڪرو ٿاڻي دھشتگردي جي ڪيس سميت 4 ڪيس داخل ڪيا ويا هئا، انھن داخل ڪيسن مان اقبال خاصخيلي ضمانت ڀي ڪرائي ورتي هئي.