ميرپورماٿيلو ويجهو 2 معصوم ٻار شاخ ۾ ٻڏي فوت
جُون 1, 2025
ميرپور ماٿيلو ( پنهنجي ڊيسڪ ) ميرپور ماٿيلو ويجهو ڳوٺ الله ڏنو ميتلو ۾2 ورهين جو مصئب علي ۽ 3 سالن جو قدوس ميتلو سيد پور مائنر شاخ ۾ ٻڏي فوت ٿي ويا، ٻڏي فوت ٿي ويل ٻارن جا لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا، جتان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، ٻڏي ويل ٻار جو تعلق هڪ خاندان سان ٻڌايو پيو وڃي، جنهن جا لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، وارثن کي بيهوشي جا دورا پئجي رهيا هئا.