| ميرپورماٿيلو: ڪارنهن جو جرڳو ڪري 2 نينگريون چٽيءَ ۾ ڏيڻ جو ڪيس داخل: هڪ جوابدار گرفتار |
ميرپورماٿيلو(ن پ ا) ميرپورماٿيلو ۾ ڪارنهن جي نالي تي ٿيل مبينا جرڳي جو ڊي آءِ جي سکر فيصل عبدالله چاچڙ نوٽيس ورتو آهي، جنهن بعد پوليس ڪارروائي ڪندي 6 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪندي هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي، ڊي آءِ جي سکر رينج جي نوٽيس کانپوءِ ايس ايس پي گهوٽڪي محمد انور کيتران جي هدايتن تي ميرپورماٿيلو پوليس ڳوٺ سمندر ڀيو ۾ مبينا غيرقانوني جرڳي جو شاهنواز ڀيو، جانب ڀيو، معشوق ڀيو، احمد ڀيو، محمد علي ڀيو ۽ غلام حسين ڀيو سميت 6 جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي، پوليس موجب جوابدارن وسيم ڀيو تي ثانيا ڀيو سان ڪارنهن جو ڪوڙو الزام هڻي 10 لک رپيا روڪ ۽ 2 نينگريون شمائلا ۽ انيسا ڀيو عيوضي طور ڏيڻ جو فيصلو ڪيو هو،پوليس ڪارروائي ڪري جوابدار شاهنواز ولد غلام محمد ڀيو کي گرفتار ڪري ورتو،پوليس جو چوڻ هو ته غيرقانوني جرڳن ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙين ۾ ملوث ماڻهن خلاف بنا ڪنهن رعايت جي سخت ڪارروائي جاري رهندي، هوڏانهن الزام هيٺ آيل ڌر پاران پاڪ ڪتاب کڻي ڳوٺ سمندر ڀيو ۾ احتجاج ڪيو ويو، احتجاج ڪندڙ مائي منگھل، آصف علي ڀيو، محمد علي ڀيو ۽ ٻين جو چوڻ هو ته ثانيا ڀيو بابت ڪو به جرڳو نه ٿيو آهي، هنن الزام لڳايو ته ايف آءِ آر ۾ نامزد جوابدار شاهنواز ڀيو ثانيا جو چاچو ۽ سهرو آهي، جانب ڀيو سندس پيءُ ۽ محمد علي ڀيو سندس مڙس آهي، جيڪي نه وڏيرا آهن ۽ نه ئي جرڳائي. احتجاج ڪندڙن جو وڌيڪ چوڻ هو ته هڪ بااثر وڏيري ڏيڍ سال اڳ ثانيا کي اغوا ڪري ڏهرڪي جي الفتاح ٽائون ۾ ويهاريو آهي، جڏهن ته متاثر ڌر هجڻ باوجود اسان مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن. هنن مطالبو ڪيو ته معاملي جي جاچ ڪري انصاف ڪيو وڃي. ايف آئي آر جي متن موجب فريادين ڄاڻايو آهي ته ناري ثانيا ڀيو 2 سال اڳ ڪاوڙجي گهران نڪري وئي، جنهن جو الزام وڏيرن منهنجي پٽ تي ڏنو، جنهن جو جرڳو ڪيو ويو منهنجي پٽ وسيم کي ڪارو قرار ڏنو ويو، وڏيرن 10 لک ۽ منهنجي 2 ڌيئرن کي سڱ چٽي ڏنو ويو 2 لک ادا پڻ ڪيا آهن.