ميرپورٻرڙو (ن پ ا) ميرپورٻرڙو ٽائون ڪاميٽي آفيس تي اينٽي ڪرپشن جيڪب آباد جي ٽيم سول جج مشتاق جوکيو جي نگراني ۾ ڇاپو هنيو.
جنهن دوران ٽائون عملو فرار ٿي ويو. ٽيم ٽائون ڪاميٽي ميرپور ٻرڙو جو 6 سالن جو رڪارڊ تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي.
سرڪل آفيسر اينٽي ڪرپشن محمد سرڪي جو چوڻ هو ته اڳوڻي ٽائون ڪاميٽي چيئرمين ذوالفقار علي ٻرڙو سال 2014 کان 2020 تائين جاري ڪيل فنڊن ۾ مبينا ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي آھي.
ڪرپشن ۾ اڳوڻو ٽائون چيئرمين ذوالفقار ٻرڙو، ڪلارڪ نظير شاھ، انيس شيخ ۽ اسدالله سومرو شامل آهن.
ذوالفقار ٻرڙو جو چوڻ آهي ته ڪرپشن جا سمورا الزام غلط آهن، هي ڪارروايون سياسي انتقام آهي