ميرپور بٺورو ۾ ڪتابي ميلو شروع: اسٽال لڳايا ويا

مَي 13, 2023

ميرپوربٺورو. (ن پ ا)ميرپوربٺورو ۾ ٻن ڏينهن وارو غلام حسين رنگريز ڪتابي ميلو شروع ٿي ويو آهي، انهي سلسلي ۾ ميرپوربٺورو جي پبلڪ پارڪ لڳ فريندس بڪ فورم پاران غلام حسين رنگريز يادگار ڪميٽي ۽ سنڌي ادبي سنگت جي تعاون سان ٻن ڏينهن وارو غلام حسين رنگريز ڪتابي ميلو شروع ڪيو آهي، ميلي جو انعقاد ڪندڙ رفيق لغاري، نور محمد کيبر ۽ ٻين ٻڌايو ته نامياري اديب، ليکڪ ۽ سنڌي ادبي سنگت جي اڳوڻي سيڪريٽري جنرل غلام حسين رنگريز جي ياد ۾ ڪتابي ميلو لڳائڻ جو مقصد هتي جي علم دوست ماڻهن کي غلام حسين رنگريز جي ادبي پورهئي ۽ سندس علم لاءِ ڪيل خدمتن بابت آگاهي ڏيڻ آهي انهي سان گڏوگڏ سوشل ميڊيا جي هن دور ۾ ڪتابن جي اهميت لاءِ ڪتابي ميلو لڳائي نوجوانن کي ڪتاب پڙهڻ طرف راغب ڪرڻ آهي، هنن چيو ته ڪتابي ميلي ۾ ادب، شاعري، تاريخ، جاگرافيائي، ٻولي سميت مختلف موضوعن بابت ڪتاب رکيا ويا آهن.

Leave A Comment