ميرپور خاص ڀرسان حادثو، نوجوان فوت

جُون 23, 2025

ميرپورخاص ( پنهنجي ڊيسڪ ) ميرپورخاص  ڀرسان ڪوسٽر جو گڏهه گاڏي کي ٽڪر، نوجوان پورهيت چيڀاٽجي فوت،ميرپورخاص ويجهو حيدرآباد روڊ تي تيز رفتار ڪوسٽر جو گڏهه گاڏي کي ٽڪر دوران ڪوري ڳوٺ جو رهواسي 27 ورهين جو  نوجوان پورهيت شان ڪوري چيڀاٽجي فوت ٿي ويو، جنهن جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان ضروري ڪارروائي بعد وارث گهر کڻائي ويا، نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، وارثن کي بيهوشي جا دورا پئجي رهيا هئا.

لاڳاپيل پوسٽون

  • وزيراعليٰ هائوس ڏانهن مارچ ڪندڙ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوار يرغمال

  • مورو جا ڳوٺاڻا بازياب، ڀنگ ڀرڻ جا چوٻول

  • مٽياري ڀرسان فصل مان ڳوٺاڻي جو لاش هٿ

  • چمبڙ ويجهو ٻارڙو پاڻي جي ٽانڪي ۾ ٻڏي فوت