ميرپور خاص ۾ ڪرڪيٽ ميچ فرينڊز اليون کٽي ورتي: فٽبال مقابلي ۾ اڪيڊمي جي ٽيم ڪامياب

ميرپور خاص ۾ ڪرڪيٽ ميچ فرينڊز اليون کٽي ورتي: فٽبال مقابلي ۾ اڪيڊمي جي ٽيم ڪامياب

ميرپورخاص(بيورو رپورٽ) 23 مارچ جي حوالي سان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو اسپورٽس ڪامپليڪس ۾ ڪرڪٽ ۽ فٽ بال جا مقابلا منعقد ڪيا ويا، ڪرڪٽ ميچ جو مقابلو فرينڊز ڪلب ۽ ميرپورخاص ڪرڪٽ اڪيڊمي ۾ منعقد ٿيو جنهن ۾ فرينڊز اليون ميرپورخاص ڪرڪٽ اڪيڊمي کي 29 رنسن تان شڪست ڏئي ڪاميابي حاصل ڪئي، فرينڊز اليون جي رانديگرن پهرين بيٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ 139 رنسون اسڪور ڪيون، مليل ٽارگيٽ کي پورو ڪرڻ جي ڪوشش دوران ميرپورخاص ڪرڪٽ اڪيڊمي جي ٽيم 110 رنسو ٺاهي آئوٽ ٿي وئي، جڏهن ته ميرپورخاص فٽبال اڪيڊمي ۽ لاشاري فٽبال اڪيڊمي ۾ ميچ کيڏيو ويو جيڪو ميرپورخاص فٽبال اڪيڊمي جي ٽيم هڪ جي مقابلي ۾ ٽي گول ڪري ميچ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي، ان موقعي تي ميچ جي خاص مهمان ڊسٽرڪٽ اسپورٽس آفيسر واش ديو مالهي جو ٻنهي ٽيمن جي رانديگرن سان تعارف ڪرايو ويو، ميچن جي اختتام تي خاص مهمان ڪرڪٽ ۽ فٽبال جي مقابلن ۾ ڪامياب ٿيندڙ ٽيمن ۾ انعام ورهيا ءٌ 23 مارچ جي حوالي سا ڪيڪ ڪاٽيو ويو. ان موقعي تي عبدالسليم خان، سليم بلوچ، امام بلوچ، رضي  انصار، وسيم الدين ۽ راندين ۾ دلچسپي رکندڙ معزز پڻ موجود هئا