ميرپور خاص ۾ گهرو پريشانين کان تنگ نوجوان جو  آپگهات

ميرپور خاص ۾ گهرو پريشانين کان تنگ نوجوان جو  آپگهات

ميرپورخاص (بيورورپورٽ) ميرپورخاص جي علائقي خيابان يوسف فيز 2 ۾ رهائش پذير ڊگهڙي جي ديهھ 187 جي رهواسي شهزاد گل گهريلو پريشانين کان تنگ ٿي پاڻ مٿان رپيٽر سان فائر ڪري آپگهات ڪري ڇڏيو فوتي جي لاش حد جي پوليس سول اسپتال ميرپورخاص منتقل ڪرڻ بعد لاش قانوني ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو پوليس موجب وارثن جي بيان مطابق شهزاد ذهني طور بيمار هو جنهن ڪري هن اهڙو قدم کنيو پوليس واقعي جي گهڻ رخي جاچ ڪري رهي آهي پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد وڌيڪ حقيقت سامهون ايندي