ميرپور ساڪري ۽ گھوڙاٻاري، غلام الله ۽ ڀرپاسي پاڻي کوٽ

ميرپور ساڪري ۽ گھوڙاٻاري، غلام الله ۽ ڀرپاسي پاڻي کوٽ

غلام الله(ن پ ا) تعلقي ميرپور ساڪري ۽ گھوڙاٻاري، غلام ﷲ ۽ آس پاس وارن علائقن ۾  پاڻي جي شديد کوٽ سبب سنگين بحران پيدا ٿي ويو آهي، گذريل هڪ مهيني کان واهن ۾ پاڻي جي مڪمل بندش سبب علائقو سخت زرعي ڏڪارن کي منهن ڏئي رهيو آهي. پاڻي نه هجڻ ڪري مالوند ماڻهو، هاري، زميندار ۽ ڏورانهن علائقن ۾ رهندڙ ماڻھو سخت پريشاني جو شڪار آهن، پر اڃان تائين ايريگيشن سميت ڪنهن به نوٽيس ناهي ورتو، هڪ مهيني کان مسلسل پاڻي بند هجڻ سبب سوين ايڪڙن تي پوکيل فصل سڪي تباهه ٿيڻ لڳا آهن، جڏهن ته واهن ۾ واري اڏامڻ لڳي آهي، سليمان زنگياڻي بلوچ ۾ آبادگارن پاران پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مولوي عارب بلوچ، لال بلوچ، نصير بلوچ ۽ سوڍل بلوچ ۽ ٻين چيو ته مهانگائي ۾ لکين روپيا خرچ ڪري زرعي فصل پوکيون ٿا پر گذريل هڪ مهيني کان پاڻي بند هجڻ سبب سندن فصل مڪمل طور تباهه ٿي رهيا آهن انهن سان گڏ ٻنهي تعلقن ساڪرو ۽ گهوڙاباري جي علائقي ۾ هاڻي پيئڻ لاءِ به پاڻي موجود ناهي، مسجدن ۾ وضوءَ ناهي،  چوپائي مال لاءِ به پاڻي اڻلڀ ٿي ويو آهي نصير بلوچ، عارب بلوچ ۽ ٻين آبادگارن ايريگيشن کاتي کان پرزور مطالبو ڪيو آهي ته تعلقي ساڪري  گھوڙاٻاري ، غلام ﷲ وارن علائقن ۾ فوري طور پاڻي جي کوٽ ختم ڪري انسانن توڙي جانورن کي اُڃ مرڻ سميت زرعي فصلن کي وڌيڪ نقصان کان بچايو وڃي.