ميرپور ماٿيلو ۾ چوريءَ جي الزام هيٺ 2 نوجوانن تي ٽنگي تشدد: وڊيو وائرل: هڪ جوابدار گرفتار

ميرپور ماٿيلو ۾ چوريءَ جي الزام هيٺ 2 نوجوانن تي ٽنگي تشدد: وڊيو وائرل: هڪ جوابدار گرفتار

ميرپورماٿيلو (ن پ ا) ميرپورماٿيلو ۾ چوري جي الزام هيٺ ٻن نوجوانن کي رسي سان ٻڌي گارڊر ۾ لٽڪائڻ وارو واقعو سامهون آيو آهي، جنهن تي پوليس سرڪار جي فرياد تي 5 جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري هڪ ڄڻي کي گرفتار ڪري ورتو آهي، پوليس مطابق جوابدارن ٻنهي نوجوانن ناصر ۽ سلطان شيخ کي چوري ڪرڻ جي الزام ۾ لٽڪايو، جڏهن ته متاثر نوجوانن جو چوڻ آهي ته انهن تي الزام ڪوڙو آهي ۽ کين بناجواز تشدد جو نشانو بڻايو ويو، جڏهن ته اهڙي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي،  وڊيو ۾ لٽڪايل نوجوان  سلطان شيخ چيو آهي مونکي ۽ منهنجي ڀاءُ کي بااثر ماڻهن لٽڪائي سخت تشدد ڪيو، مون کي به ساڻس گڏ لٽڪايو ويو، اسان چوري ناهي ڪئي، بيگناهه تشدد جو نشانو بڻايو ويو آهي، ميرپورماٿيلو پوليس موجب چوري الزام لڳائي نوجوانن مٿان تشدد ڪيو ويو واقعي جي فوري بعد ايس پي گهوٽڪي نوٽيس ورتو جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري هڪ جوابدار نديم قريشي کي گرفتار ڪيو آهي واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي.