| ميرپور ماٿيلي ۾ ڪولاچي برادري جو چڱو مڙس گھر اندر گوليون هڻي قتل، علائقي ۾ خوف |
ميرپورماٿيلو (ن پ ا) ميرپور ماٿيلي ۾ ڪولاچي برادري جو چڱو مڙس گھر اندر گوليون هڻي قتل ٿي ويو. ميرپورماٿيلو شهر جي ڪوثر ڪالوني ۾ اڻڄاتل هٿياربند جوابدارن ڪولاچي برادري جي چڱي مڙس ابرار خان ڪولاچي کي سندس ئي گهر اندر گوليون هڻي سخت زخمي ڪري فرار ٿي ويا. واقعي جي اطلاع ملڻ شرط وارثن زخمي کي کڻائي سول اسپتال ميرپورماٿيلو پهچايو، جتان ڳڻتي جوڳي حالت سبب رحيميار خان ريفر ڪيو ويو، پر هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو.ابرار ڪولاچي جي فوت ٿيڻ جي خبر ملندي ئي سندس گهر ۾ ڪهرام مچي ويو. ٻي پاسي واقعي خلاف ڪولاچي برادري پاران ايس ايس پي گهوٽڪي جي آفيس آڏو صدام ڪولاچي، مقصود ڪولاچي ۽ عامر ڪولاچي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. فوت ٿيڻ جي خبر پهچڻ شرط مظاهري ۾ ويٺل ماڻهن ۾ روڄ راڙو مچي ويو.ان موقعي تي ڪيترن ئي سياسي ۽ سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن ايس ايس پي آفيس آڏو پهچي احتجاج ۾ شرڪت ڪئي. احتجاج دوران سيد لعل شاه، ڪمال مهر، اڪرم ميتلو ۽ ٻين چيو ته گهوٽڪي ضلعي ۾ بدامني انتها تي پهچي چڪي آهي، چوريون ۽ ڦرون روز جو معمول بڻيل آهن، جڏهن ته پوليس جي نااهلي سبب هاڻي ماڻهو پنهنجي گهرن ۾ به محفوظ ناهن رهيا.هنن وڌيڪ چيو ته ڪولاچي برادري جي چڱي مڙس ابرار ڪولاچي کي سندس ئي گهر اندر گوليون هڻي قتل ڪرڻ پوليس جي ناڪامي جو ثبوت آهي. اڳواڻن مطالبو ڪيو ته ابرار ڪولاچي جي قاتلن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج ۽ ڌرڻو جاري رکيو ويندو.