ميرپور ٽيسٽ ۾ بنگلا جادو ڇانيل، آئرش ٽيم لاءِ ڏچو

ميرپور ٽيسٽ ۾ بنگلا جادو ڇانيل، آئرش ٽيم لاءِ ڏچو

ميرپور(اسپورٽس نيوز) بنگلاديش ۽ آئرلينڊ وچ ۾ ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ ميزبان بنگلاديش جي پوزيشن مضبوط ٿي وئي آهي بنگلاديش 98 رنسن تي 5 مهمان بيٽسمين پويلين واپس اماڻي ڇڏي. ٻئي ڏينهن تي بنگلاديش جي ٽيم 292 4 رانديگر آئوٽ تان اننگ شروع ڪئي سموري ٽيم 476 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. مشفق الرحيم سينچري مڪمل ڪري 106 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو. لٽن داس 128 رنسون ٺاهيون. مهدي حسن ميراز 47 رنسون ٺاهيون.آئرلينڊ جي اينڊي ميڪ برائن 6، ميٿيو همپريز ۽ گيون هوئي ٻه ٻه وڪيٽون ورتيون. آئرلينڊ جا بيٽسمين ڄمي نه سگهيا. 98 رنسن تي 5 رانديگر آئوٽ ٿيا. اينڊي بيلبرين 21، پال اسٽرلنگ 27، ڪيڊ ڪارميڪل 17، هيري ٽيڪٽر 14 ۽ ڪرٽس ڪيمڦر بنا رنس جي آئوٽ ٿيا. لورڪن ٽڪر 11 ۽ اسٽيفن ڊوهني 2 رنسن سان ڪريز تي موجود آهن. بنگلاديش جي حسن مراد ٻه، خالد احمد، تيج الاسلام ۽ مهدي حسن هڪ هڪ وڪيٽ ورتي.