Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_5cu8vqht4bkulmi1067vte3gno, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
مير تبسم "صاحبِ ڏات ۽ ڏان" ... ظهير لغاري - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar مير تبسم "صاحبِ ڏات ۽ ڏان" ... ظهير لغاري - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *خيرپور: اي ايس آءِ بلاول وساڻ جي قتل ڪيس ۾ گرفتار 2 جوابدار دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش *فراز راجپوت ۽ سيد ثقلين شاهه کي 7ڏينهن جو جسماني ريمانڊ پورو ٿيڻ تي اي ٽي سي ۾ پيش ڪيو ويو*
  • *کپرو: هٿونگو ۾ ليکڪ ايوب گل جي پلاٽ تي مبينا قبضي جي ڪوشش دوران جهيڙو، 2 ڄڻا زخمي *جهيڙي دوران رحمت الله ۽ قادر بخش راڄڙ زخمي ٿي پيا، اسپتال منتقل* جهيڙي جي اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وئي، تڪراري پلاٽ جو معائنو*
  • *ڪراچي ۾ 3 مهينا اڳ مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل لاڙڪاڻي واسي جي وارثن جو احتجاجي مظاهرو *فيصل ابڙو جي وارثن پاران ڪراچي پوليس خلاف احتجاج ڪيو ويو، معاملي جي شفاف جاچ جو مطالبو *فيصل کي ڪراچي پوليس ڪوڙي مقابلي ۾ قتل ڪيو، انصاف ڪيو وڃي: وارث*
  • *راڌڻ ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ جي ڀاءُ سميت 3ڄڻن جي گرفتاري خلاف ٻئي ڏينهن احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو *شهرين ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن سڪندر جوڻيجو جي گهر تي پوليس چڙهائي ۽ ٽن ڄڻن جي گرفتاري خلاف ڌرڻو هنيو *پوليس امين جوڻيجو ۽ سندس ٻن ڀائٽين کي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي: مظاهرين*
  • *راڌڻ ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ جي ڀاءُ سميت 3ڄڻن جي گرفتاري خلاف ٻئي ڏينهن احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو *شهرين ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن سڪندر جوڻيجو جي گهر تي پوليس چڙهائي ۽ ٽن ڄڻن جي گرفتاري خلاف ڌرڻو هنيو *پوليس امين جوڻيجو ۽ سندس ٻن ڀائٽين کي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي: مظاهرين*
  • *جهڏو ۾ ڪورونا جي پکيڙ جاري، وڌيڪ 26 ڄڻن جي ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي *جهڏو ۾ ڪورونا مريضن جو انگ وڌي 30 ٿي ويو *
  • *مٺي ويجهو جيپ روڊ ڪناري بيٺل ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي، عورت فوت، 10 ڄڻا زخمي *بدين روڊ تي ڳوٺ هيلاريو پير وٽ حادثي ۾امران زال ٽاڀو ميگهواڙ فوت، امولک، مٺو ميگهواڙ ۽ ٻيا زخمي*
  • *بخشاپور ويجهو پوليس اٽالن جي ڳوٺ تي چڙهائي، 4 ڄڻا مبينا گرفتار *پوليس اٽالن لطف علي ڊومڪي تي چڙهائي ڪري عورتن ۽ معصوم ٻارڙن تي تشدد ڪيو: ڳوٺاڻا *پوليس حبيب الله، ضامن علي، ذاڪر حسين ۽ جعفر علي ڊومڪي کي کنڀي کڻي وئي: ڳوٺاڻن جو الزام*
  • *ڏهرڪي : ميرپور ماٿيلو ريلوي اسٽيشن ڀرسان اڌوڙٽ شخص جو چچريل لاش هٿ *چچريل لاش جي منڊي بهاول الدين واسي محمد عالم طور سڃاڻپ ڪئي وئي: پولس *لاش ريلوي اسٽيشن تي پيل آھي، سسي به چچريل آھي : پوليس*
  • *اسلام آباد بار ڪائونسل جون چونڊون: پولنگ عمل جاري *پنجن سيٽن تي 23اميدوارن وچ ۾ مقابلو، ساڍا 4هزار وڪيل ووٽ جو حق استعمال ڪندا*
  • *العزيزيا ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ نواز شريف جي سزا خلاف اپيلون *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گذريل ٻڌڻي جو لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو *نوازشريف جو اشتهار لڳائيندڙ ايف آئي اي آفيسر اعجاز احمد ۽ طارق 2ڊسمبر تي عدالت طلب *نوازشريف جو اشتهار برطانيا موڪليندڙ پرڏيهي کاتي جو آفيسر مبشر خان به طلب *عدالت شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ بعد نوازشريف کي اشتهاري قرار ڏيندي *جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪيو*
  • *اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي والده بيگم شميم اختر جو مڙهه لندن کان لاهور آندو ويو *شهباز شريف ۽ حمزه شهباز ايئرپورٽ پهچي مڙهه وصول ڪيو *وارثن بيگم شميم اختر جو مڙهه کڻي جاتي امرا پهچايو *
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر ۾ باهه لڳڻ سبب سڙي زخمي ٿيل ٻارڙي فوت، فوتين جو انگ وڌي 2 ٿي ويو *ڪجهه ڏينهن اڳ ايس ايڇ او مارڪيٽ سرتاج جاگيراڻي جي گھر ۾ گئس سلينڊر مان باهه ڀڙڪي پئي هئي *باهه ۾ سڙي زخمي ٿيل ٻارڙيءَ ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *ايس ايڇ او سرتاج جاگيراڻي جي گهرواري 4ڏينهن اڳ ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ فوت ٿي وئي هئي *
  • *ميرپورخاص ضلعي ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 13نوان ڪيس ظاھر، متاثر گهرن ۾ آئيسوليٽ *گذريل ڏينهن 223 ماڻهن جا سيمپلز ورتا ويا ھئا، 13ڄڻن ۾ ڪورونا جي تصديق *ضلعي ۾ ڪورونا متاثرن جو انگ 1553 ٿي ويو *
  • *پني عاقل واسڻ 4 عورتن سان پنجاب ۾ جنسي ڏاڍائي جو انڪشاف، متاثر ڪٽنب ٿاڻي تي پهچي ويو، قانوني ڪارروائي جو مطالبو *ٻن زالن ۽ ڀاڄائي سميت 4 عورتن کي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو:همٿ علي *مڇي مارڻ لاءِ پنجاب گهرائي4 عورتن سان ڏاڍائي ڪري قيد ڪيو ويو:متاثر*

مير تبسم “صاحبِ ڏات ۽ ڏان” … ظهير لغاري

ايئن الائي ڇو آهي، پر آهي ضرور سهي ته اڪثر شاعر پنهنجي ڇٺي واري نالي کان خفا هوندا آهن. جڏھن سمجهه لائق ٿيندا آهن (اڪثر شاعر پنجن ستن سالن جي عمر ۾ ئي سمجه لائق ٿي شاعري ڪرڻ شروع ڪندا آهن) پهريون غزل لکڻ شروع ڪندا آهن ته پنهنجي نالي کي به تبديل ڪرڻ تمام ضروري سمجهندا آهن، گهائل، گھايل، سائل، درد،شاد، ناشاد، صدا، گدا، وفا، فنا ۽ بيوس، ٿي پوندا آهن. ڪي ته ساڳئي نالي واري شاعر هئڻ جي ڪري مورائي، ٽکڙائي، سانگهڙائي، هالائي، ٻنوي، يا ناٿن شاهي ٿي پوندا آهن. ادب ۾ ڳوٺن يا شهرن سان وابسطا ڪجهه مثال ضرور ملن ٿا، جهڙوڪ نظير نيشاپوري، حافظ شيرازي، اڪبر الله آبادي، جگر مراد آبادي، داغ دهلوي وغيره.شاعرن جي اصل ۽ تخلص وارن نالن جو به هڪ وڏو جهان آهي ۽ اهو جهان صرف پاڻ وٽ آهي يا دنيا ۾ به ايئن ئي ٿئي ٿو، سا خبر خدا کي پنهنجو ايترو مطالعو ناهي. نذار قاباني، محمود درويش، ناظم حڪمت، فطرت جو شاعر ورڊس ورٿ، شيلي، بائرن جا (ڇٺي جا نالا الائي ته ڪهڙا آهن) يا ايئن به ٿي سگهي ٿو ته سنڌ يا برصفير کان علاوه باقي دنيا ۾ ڇٺي ٿئي ئي ڪونه، سو انهن جا نالا اهي ئي رهندا آهن پوءِ ڀلي کڻي عالمي سطح جا شاعر ئي ڇو نه ٿي وڃن. پر پاڻ وٽ اصلي يا هٿ ٺوڪئي شاعر ٿيڻ کان پوءِ نالو تبديل ڪري تخلص ڏيڻ وارو خفت مڙئي ڪجهه سوايو آهي پوءِ ڀلي پاڙي ۾ به ڪير نه سڃاڻي. 
منهنجي ساڻس پهرين ملاقات تڏهن ٿي هئي جڏهن هو زندگي جي رولڙن کي منهن ڏيڻ جي سلسلي ۾ حيدرآباد آيو هو. مون کي خبر ناهي ته سندس ڇٺي جو نالو ئي مير تبسم آهي يا ڪو ٻيو. پر هو مون کي نه ڪو طبيعتن مِير لڳو هو نه ئي زيرِ لب مسڪرائيندڙ تبسم لڳو هو. فقير طبيعت پر وڏا وڏا ٽهڪ ڏئي زندگيءَ جي تلخين کي بردباري سان منهن ڏيندڙ لڳو هو. ڪوئي ٻن ڪلاڪن جي انهي ملاقات ۽ ان کان پوءِ ڪجهه وڌيڪ ملاقاتون هئڻ جي باوجود به مون محسوس ئي نه ڪيو ته هو ڪو شاعر به آهي. شاعر به اهڙو تهڙو! مون کي سندس شاعر هئڻ جي خبر ئي هن غزل سان پئي جيڪو هڪ مئگزين ۾” ٻه ڀائر، ٻه شاعر ” جي عنوان سان شايع ٿيو ته :
ماٺ مخمُوري، ڪجي پر ڪيئن ڪجي؟!
”درد کان دوري، ڪجي پر ڪيئن ڪجي“ 
ڇا خبر ڪھڙن خيالن ۾ ھجي؟
ڳالھڙي پوري، ڪجي پر ڪيئن ڪجي؟!
سوچ ٿورو هن گهڙي، هن دور ۾،
مام منصُوري، ڪجي پر ڪيئن ڪجي؟!
وحشتن کان ڊوڙندي مقتل اندر،
سوچ کي سوري، ڪجي پر ڪيئن ڪجي؟!
ڇير هن جي پير ۾ ٻڌجي کڻي،
سينڌ سنڌوري، ڪجي، پر ڪيئن ڪجي.
هوءَ ته آهي ساهه جهڙي سانوري،
هن سان مغروري ڪجي پر ڪيئن ڪجي.
حال تبسم جو آ اھڙو ٿي ويو،
موت مشھوري، ڪجي پر ڪيئن ڪجي؟!
اهڙي ڏات ۽ ڏان وارو شاعر محسوس ئي نه ڪرائي ته هو ڪو شاعر آهي، اها وڏي ڳالهه آهي. مير تبسم جي هن غزل مون کي سندس وڌيڪ شاعري پڙهڻ تي اتساهيو. اڄڪلهه هر ٻئي شاعر جو رهڙيل سهڙيل شاعري تي مشتمل ڪتاب آهي پر مير تبسم “صاحبِ ڏات ۽ ڏان” هئڻ جي باوجود به اڃان تائين ته “صاحبِ ڪتاب” ناهي، اها ته ان کان به وڏي ڳالهه آهي. شاعر جي لاءِ ڏات ۽ ڏان سان گڏ و گڏ سچ لکڻ جي لاءِ شينھن جي دل هجڻ به تمام ضروري آهي نه ته “رخسار، تر، چال،ڍال، مسڪرائڻ، اشاره، ڀِرون” لکڻ وارا کوڙ سارا شاعر آهن. مير تبسم وٽ شينھن جي دل آهي. هن غزل جو هڪ بند ۾ ” سرٻاٽ ۾ صدائن جي ڳالهه” ڪنھن قدر هڪٻئي سان اڻ ٺهڪندڙ لڳن ٿيون، ڄمندي ڄام سان گناهن جو ڀرم رکڻ به ڌيان طلب آهي. 
مير تبسم جو هڪ شاندار غزل آهي ته :
پسايو منھن جي نيڻن تو چيو برسات ڪافي آ
سڄڻ ترسو پرين پيارا اڃان پيي رات ڪافي آ 
چيم ڪجھه رحم ڪر مولا مٺي ننڊ ۾ مٺي آھي 
چيائين تنھن جي لاءِ ڪافر اھا سڪرات ڪافي آ 
چيم رب پاڪ راضي ٿي مندايون معاف ڪر مونکي 
چيائين پيار وارن لاءِ ڪھاڙو ڪات ڪافي آ
چيم مان شاعري ۾ شان تنھن جا خوب ڳائيندس 
چيائين شرڪ لاءِ شاعر اھائي ڏات ڪافي آ 
چيم رب پاڪ قيامت ۾ ملائج يار سان مونکي 
چيائين عشق وارن لاءِ اھا فڪرات ڪافي آ 
چيم مالڪ مان مفلس ھان نڪي ڌن ۽ نڪي دولت 
چيائين مير منڪر لاءِ رڳو محلات ڪافي آ. 
هو، ايترو منفرد ڇو ٿو لکي؟ ان جو هڪڙو سبب هي به ٿي سگهي ٿو ته هو هم عصر شاعرن کان پري آهي، انهن جي اثر کي نه ٿو قبولي، هڪ مخصوص دائري ۾ ڦرڻ جي بجاءِ هڪ آزاد اڏام ڀرڻ جو قائل آهي. هڪ بهترين شاعر هئڻ جي باوجود به محسوس نه ٿو ڪرائي ته هو ڪو شاعر به آهي. هو تخليق ڪار آهي، تڪليف ڪار ناهي. نه ته اڄڪلهه گهڻا تڻا تخليق ڪار جي بجاءِ تڪليف ڪار آهن. مون کي سندس تمام ٿوري شاعري پڙهڻ لاءِ ملي آهي ، جنهن جي بنياد تي مون ٻه اکر لکيا آهن.ڪافي سارن شاعرن جي شعري مجموعن جي مهاڳن ۾ اها ڳالهه ڪئي ويندي آهي ته “سائين جي شعري مجموعي” سان سنڌي ادب مالامال ٿي ويو آهي، سائين “شعري مجموعو گهڙي” سنڌي ادب تي وڏو احسان ڪيو آهي. شاعر مير تبسم جو  شعري مجموعو ڪڏهن ٿو اچي؟ اهو ته شاعر تي ئي ڇڏيل آهي، پر جڏھن به سندس شعري مجموعو ايندو ته ان جي لاءِ آئون صرف ايترو چوندس ته مير تبسم جي شعري مجموعي اچڻ سان گهٽ مان گهٽ پڙهندڙن کي هڪ سٺو شعري مجموعو پڙهڻ لاءِ ملندو.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *