مير حمزه اسلام آباد يونائيٽڊ کي ٻيهر جوائن ڪري ورتو

مير حمزه اسلام آباد يونائيٽڊ کي ٻيهر جوائن ڪري ورتو

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) مٿي تي بال لڳڻ سبب زخمي ٿيندڙ فاسٽ بالر مير حمزه سجاد اسلام آباد يونائيٽڊ جي اسڪواڊ کي ٻيهر جوائن ڪري ورتو آهي. اسلام آباد يونائيٽڊ جي ترجمان موجب، اسپتال مان مڪمل تسلي ۽ ڪليئرنس ملڻ کانپوءِ مير حمزه ٽيم ۾ واپس آيو آهي. ياد رهي ته مير حمزه مٿي تي بال لڳڻ سبب ڪجهه دير لاءِ بيهوش ٿي ويو هو. ترجمان ٻڌايو ته ميڊيڪل اسٽاف کيس فوري طور طبي امداد ڏني ۽ اسپتال منتقل ڪيو، ايمبولينس ۾ ئي کيس هوش اچڻ شروع ٿيو هو ۽ هو ٽيم سان ڳالهائي رهيو هو. اسپتال ۾ سندس سي ٽي اسڪين ڪيو ويو ۽ سڄي رات نگراني ۾ رکيو ويو، جنهن کانپوءِ کيس ڊسچارج ڪيو ويو. هاڻي هو هوٽل ۾ آهي جتي ميڊيڪل ٽيم سندس نگراني ڪري رهي آهي. فرنچائز مير حمزه جي صحت کي اولين ترجيح قرار ڏيندي دعاگو مداحن ۽ ٻين ٽيمن جا شڪريا ادا ڪيا آهن.