ڪراچي(رپورٽ: عرفان شاهه)ڪراچي جي نوجوان مير رضا جي قتل ڪيس جي جاچ لاءِ جسٽس عمرسيال جي سربراهي ۾ جوڙيل جوڊيشل ڪميشن اي جي سنڌ جي مداخلت تي ڪارروائي روڪي ڇڏي: گهرو وزير کي سڀاڻي طلب ڪيو ويو، ڪالهه ٻڌڻي دوران جاچ آفيسر مير رضا جي پوسٽ مارٽم رپورٽ، سمارٽ واچ، موبائل فون ۽ ٻين شين جون فارنزڪ رپورٽون جمع ڪرائي ڇڏيون، جڏهن ته شاهدن جي قلم 161 تحت رڪارڊ ڪيل بيانن جون ڪاپيون پڻ پيش ڪيون، ڪارروائي دوران ايڊووڪيٽ جنرل جواد ڏيرو مير رضا فيملي جي وڪيل جبران ناصر جي سوالن ڪرڻ تي اعتراض ڪيو، ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته سوال جواب ڪرڻ جو اختيار صرف عدالتي ڪميشن کي آهي, وڪيل يا وارثن کي سوال ڪرڻ جو اختيار ناهي، جنهن تي عدالتي ڪميشن ايڊووڪيٽ جنرل تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته توهان پريشان ڇو ڪري رهيا آهيو؟ پ پ اڳواڻ فريال ٽالپر چئي چڪي آهي ته عدالتي ڪميشن جوڙي وارثن کي معاملي بابت مطئمن ڪيو وڃي, گهرو وزير به وارثن کي مطمئن ڪرڻ لاءِ سموريون شيون اڳيان رکڻ لاءِ چيو آهي، ڪميشن ايڊووڪيٽ جنرل جي اعتراض کي مداخلت قرار ڏيندي گهرو وزير کي نوٽيس جاري ڪندي سڀاڻي طلب ڪري ورتو، جسٽس عمر سيال ايڊووڪيٽ جنرل جي مداخلت تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ڪارروائي به معطل ڪري ڇڏي، هوڏانهن ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ چيوته آئون مداخلت نه ڪري رهيو آهيان، ڪميشن جي مدد ڪري رهيو آهيان، جنهن تي جسٽس عمر سيال چيو ته جبران ناصر خاندان جو وڪيل آهي، هو سوال پڇي سگهي ٿو، اوهان ڇو پريشان آهيو؟ ڪالهه ڪميشن آڏو مير رضا جو والد مير حسين ۽ ڀيڻ علشبا، ڪيس جو جاچ آفيسر ڊي ايس پي سراج لاشاري، ايس ايڇ او فيروزآباد عديل افضل ۽ وڏو منشي ذيشان پيش ٿيا، پوليس سرجن ڊاڪٽر سمعيه سيد بيان ڏيندي چيو ته هوءَ 10 جون 2022ع کان ڪراچي ۾ پوليس سرجن طور ڪم ڪري رهي آهي، هن ڪراچي ۽ ٺٽي ۾ 99 قبر ڪشايون ڪرايون آهن ڊاڪٽر سمعيه چيو ته ڊاڪٽر اسامه پاران پوسٽ مارٽم ۾ سوئپر ( خاڪروب ) جي معاونت بابت ڏنل بيان درست نه هو، پوسٽ مارٽم دوران موجود شخص سوئپر نه پر ليب اسسٽنٽ شعيب راشد هو، جيڪو پوسٽ مارٽم لاءِ تربيت يافته آهي هن ٻڌايو ته جناح اسپتال ۾ روزانو 15 کان 18 پوسٽ مارٽم ٿيندا آهن، تنهن ڪري سندس لاءِ هر پوسٽ مارٽم ۾ ذاتي طور شامل ٿيڻ ممڪن ناهي، هاءِ پروفائيل يا مشڪوڪ ڪيسن ۾ هوءَ پاڻ پوسٽ مارٽم جي نگراني ڪندي آهي, هن چيو ته کاتي وٽ 42 ميڊيڪو ليگل آفيسر موجود آهن، پر اهي پوسٽ مارٽم ۾ دلچسپي نٿا وٺن هن چيو ته ڊاڪٽر اسامه 2023ع ۾ ملازمت شروع ڪئي هئي، کيس باقاعده تربيت ڏني وئي هئي, ڊاڪٽر اسامه کيس پوسٽ مارٽم بابت سموري معلومات فراهم ڪرڻ جو چيو هو، وٽس ڊاڪٽر اسامه سان ٿيل سموري گفتگو جي ٽرانسڪرپشن موجود آهي.ڊاڪٽر سمعيه ٻڌايو ته 29 جولاءِ تي شام 5 لڳي 46 منٽن تي ڊاڪٽر اسامه سان ڳالهه ٻولهه ٿي، جنهن ٻڌايو ته گلستان جوهر مان ٻه ڏينهن پراڻو لاش آيو آهي. هن ڊاڪٽر اسامه کان لاش جي سڃاڻپ، هسٽري ۽ گولي جي نشان بابت پڇيو. ڊاڪٽر اسامه پوسٽ مارٽم رجسٽر جون تصويرون موڪليون. ڊاڪٽر سمعيه موجب 30 جولاءِ تي منجهند 2 وڳي هن ڊاڪٽر اسامه کان گولي جي نيڪال بابت پڇيو، کيس پوسٽ مارٽم رپورٽ ۽ تصويرون موڪلڻ لاءِ چيو هو. ڪميشن ڊاڪٽر سمعيه کي ڊاڪٽر اسامه سان ٿيل گفتگو جا اسڪرين شاٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ڊاڪٽر سمعيه ٻڌايو ته اي آءِ جي ڪراچي، ايس ايس پي زبير نذير ۽ سميع الله سومرو سان پڻ ڪيس بابت ڳالهه ٻولهه ٿيندي رهيآهي . اي آءِ جي جي ڌيءَ لاش ڏسڻ لاءِ آئي هئي، جنهن کانپوءِ اي آءِ جي جو فون آيو. ڳالهه ٻولهه دوران آخري 10 کان 15 سيڪنڊ مير رضا بابت ڳالهه ٿي، جنهن ۾ اي آءِ جي چيو ته اهو سڌو سنئون خودڪشي جو ڪيس آهي، جنهن تي مون معذرت ڪندي چيو ته کيس ائين نٿو لڳي, ڪارروائي بعد وڪيل جبران ناصر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پوليس جي موجوده جاچ ٽيم تي به اعتبار ناهي، جاچ ادارا 14 ڏينهن اندر به جوابدارن کي سامهون نه آڻي سگهيا آهن. هن چيو ته جيڪڏهن جاچ آفيسرن کي ڪم ڪرڻ ۾ ڏکيائي آهي ته اهي وڏي وزير کي ٻڌائين ته آهي ڪم نٿا ڪري سگهن، وقت ضايع ڪرڻ بدران نئين جي آءِ ٽي جوڙي وڃي,
مير رضا واقعي خلاف احتجاج ڪندڙن مٿان ڪارروائي نه ڪريو: هاءِ ڪورٽ جو پوليس کي حڪم
ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ پوليس کي مير رضا جي قتل واقعي خلاف احتجاج ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو، عدالت مير رضا ڪيس ۾ احتجاج ڪندڙن خلاف فيروزآباد ٿاڻي تي داخل ڪيس ۾ اسٽي ۾ واڌ ڪري ڇڏي, عدالت سنڌ حڪومت, گهرو کاتي ۽ ٻين ڌرين کي 9 آڪٽوبر تي لکت ۾ جواب طلب ڪري ورتو
پنجاب فارنزڪ ليبارٽري به مير رضا جو آءِ فون کولڻ ۾ ناڪام: ايپل واچ مان پڻ اهم مواد نه مليو!
ڪراچي: مير رضا قتل ڪيس: پنجاب فارنزڪ ليبارٽري به مير رضا جو آءِ فون کولڻ ۾ ناڪام ٿي وئي. جاچ ذريعن موجب پنجاب فارنزڪ ليبارٽري تحقيقاتي ٽيم کي ان حوالي سان باقاعده لکت ۾ آگاهه ڪري ڇڏيو آهي، جنهن بعد مير رضا جي ايپل واچ ۽ موبائل فون تحقيقاتي ٽيم کي واپس موڪليا ويندا. جاچ ذريعن موجب مير رضا جي ايپل واچ مان ڪجهه اسڪرين شاٽ ۽ پيغام هٿ آيا آهن پر اهو مواد جاچ جي حوالي سان اهم ثابت نه ٿي سگهيو آهي