مير رضا جي والدين ۾ عدالتي طلاق ٿيڻ جو انڪشاف: دستاويز 

مير رضا جي والدين ۾ عدالتي طلاق ٿيڻ جو انڪشاف: دستاويز 

ڪراچي: واپاري مير رضا جي ڪيس ۾ پوليس مقتول جي والدين ۾ طلاق جا اهم دستاويز سامهون آندا آهن، ماءُ پاران داخل ڪيل دعويٰ کي هڪ طرفو قبول ڪندي طلاق ڊڪليئر ڪئي وئي، ان ڏس  ۾ جاچ ٽيم مقتول جي والدين جي طلاق جي ڪيس جا اهم دستاويز حاصل ڪري ورتا آهن. جاچ عملدارن چيو ته عدالت مير رضا جي ماءُ پاران داخل ڪيل دعويٰ کي هڪ طرفي طور تي قبول ڪندي طلاق جو اعلان ڪيو. ماءُ عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو هو ته سندس مڙس نان نفقو ۽ ٻيا ضروري گهريلو خرچ ادا نه ڪري رهيو هو، جنهن جي ڪري هوءَ الڳ رهي ٿي. پوليس جو چوڻ آهي ته والدين وچ ۾ عدالتي طلاق کانپوءِ  مقتول مير رضا ۽ سندس ڀيڻ پنهنجي ماءُ سان گڏ رهندا هئا. جاچ اختياريون طلاق جي دستاويزن، خانداني تڪرارن ۽ مالي رخن کي نظر ۾ رکندي جاچ ڪري رهيو آهن