| مير رضا جي وحشياڻي تشدد بعد قتل جي تصديق: آپگهات دعويٰ ڌوڙ: سميع سومرو واري ٽيم ختم: نئين جاچ ڪاميٽي قائم |
ڪراچي(رپورٽ: حبيب جمالي) ڪراچي ۾ پرسرار نموني فوت ٿيل نوجوان مير رضا جي وحشياڻي تشدد بعد بيددري سان قتل جي تصديق: پوليس جي آپگهات واري دعويٰ رد: وارثن پاران 3 ايس ايس پي تي ٻڌل جاچ ٽيم تي بي اعتمادي ظاهر: نئين ٽيم جوڙڻ جي گهر، ان ڏس ۾ سنڌ حڪومت طرفان جوڙيل 8 رڪني ميڊيڪل بورڊ ڪالهه نوجوان واپاري مير رضا علي جي قبر ڪشائي ڪري سيمپل ورتا، قبر ڪشائي جو عمل ماهرن جي نگراني ۾ لڳ ڀڳ ٽن ڪلاڪن تائين جاري رهيو، ابتدائي پوسٽ مارٽم موجب مير رضا کي گولي پٺيان کان لڳي، جيڪا پاسرين کي چيريندي سيني مان ٻاهر نڪتي، پٺي وارو زخم وڏو ۽ ڇاتي واروزخم ننڍو هو، گولي سببب ڦڦرن ۾ رت ڄمي ويو هو، سندس پاسراٽيون پڻ ڀڳل هيون، مير رضا جي جسم تي نڪ جي هڏي، ڄاڙي ۽ کاٻي وٽ تشدد جا نشان پڻ موجود هئا، جسم جي هيٺئين حصي تي ڪارا داغ پڻ هئا، ساڄي ران ۾ 12 انچن جو فيڪچر هو، رپورٽ ۾ پوليس سرجن ڊاڪٽر سمعيه سيد پاران اٿاريل 14 نقطن جا جواب به شامل ڪيا ويا آهن. جاچ ذريعن موجب قبر ڪشائي دوران مجموعي طور 17 نمونا حاصل ڪيا ويا، جن مان 4 نمونا ڊي اين اي جاچ لاءِ، جڏهن ته ٻيا نمونا ڪيميڪل جاچ لاءِ ورتا ويا. مير رضا جي والدين کان به 2 ڊي اين اي نمونا حاصل ڪيا ويا آهن، جن سان ڊي اين اي ميچنگ ڪئي ويندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪيميڪل ۽ ڊي اين اي رپورٽن جا نتيجا ايندڙ 3 کان 4 ڏينهن اندر اچڻ جو امڪان آهي. سومر ڏينهن سڀئي نمونا ڪراچي يونيورسٽيءَ جي فارنزڪ ليبارٽري ۾ جمع ڪرايا ويندا. واضح رهي ته مير رضا جي قبر ڪشائي دوران مير رضا جا وارث، وڪيل جبران ناصر، سڃاڻپ پروجيڪٽ جو سربراهه ۽ مجسٽريٽ به سوسائٽي قبرستان ۾ موجود هئا، ان موقعي تي سخت سيڪيورٽي انتظام پڻ ڪيا ويا هئا، هوڏانهن مير حسين جي وڪيل جبران ناصر مير رضا واقعي کي قتل قرار ڏيندي چيو ته پوليس عملدار مير رضا واقعي کي آپگهات قرار ڏيڻ لاءِ سندس والد تي دٻاءُ وجهي رهيا هئا، هن چيو ته اسان کي ايس ايس پي سميع سومري واري جاچ ڪميٽي تي اعتماد ناهي، اڻڌري ۽ شفاف جاچ لاءِ نئين ڪميٽي جوڙي وڃي، رات ديرسان آءَ جي سنڌ ڊي آءِ جي عامر فاوقي جي سربراهي ۾ نئين 4 رڪني جاچ ڪاميٽي جوڙي ڇڏي، جنهن ۾ ايس ايس پي ( جاچ) سينٽرل. ايس ايس پي ڪورنگي قيس خان ۽ ايس ايس پي (سي ٽي ڊي) عرفان بهادر پڻ شامل آهن