مير رضا: عدالت جو جاچ ۾ سستي تي ناراضپو: ڀائيوار جي ضمانت: شهر نه ڇڏڻ جو حڪم

ڪراچي (رپورٽ: عرفان شاهه ۽ حبيب جمالي) ڪراچي جي عدالت پاران مير رضا ڪيس جي جاچ ۾ سستي تي ڳڻتي: ڀائيوار احمد جي ضمانت ۾ واڌ: شهر نه ڇڏڻ جي هدايت: مير رضا جي وڪيل  ضمانت جي مخالفت ڪري ڇڏي، ان ڏس ۾ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج اوڀر جي عدالت مير رضا قتل ڪيس جي ٻڌڻي دوران سندس بزنس پارٽنر (ڀائيوار) محمد احمد جي عبوري ضمانت ۾ 24 آگسٽ تائين واڌ ڪندي کيس جاچ ۾ سهڪار ڪرڻ جي  هدايت ڪئي، عدالت پوليس  کي به هدايت ڪندي چيو ته احمد  کي هراسان نه ڪيو وڃي، احمد جي وڪيل ٻڌايو ته احمد مير رضا جو بزنس پارٽنر هو، هڪ دڪان احمد  ۽ ٻيو دڪان مير رضا هلائيندو هو، پوليس کيس  جاچ ۾ شامل ڪري هراسان پئي ڪري، اسان پوليس سان مڪمل سهڪار ڪري رهيا آهيون، خدشو آهي ته احمد کي گرفتار ڪيو ويندو، عدالت پڇاڻو ڪيو ته توهان کي ڪنهن هراسان ڪيو آهي؟ جنهن تي احمد جي وڪيل جواب ڏنو ته اڳوڻي جاچ آفيسر طرفان هراسان ڪيو ويو آهي، ٻڌڻي دوران عدالت چيو ته مير رضا جو والد، خاندان ۽ شهري پريشان آهن، جاچ ڪري حقيقتون سامهون آنديون وڃن، جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته ڪيس ۾ 35 ماڻهن کان جاچ جاري آهي، هيل تائين ڪو جوابدار نه مليو آهي ۽ نه ئي ڪنهن کي جوابدار نامزد ڪيو ويوآهي،ٻئي طرف مير رضا جي والد جي وڪيل جبران ناصر عدالت کي ٻڌايو ته پوليس جاچ لاءِ احمد سميت 35 ڄڻن کي گهرايو، جن کان ڪيترائي ڪلاڪ پڇا ڳاڇا ڪئي وئي، جاچ دوران ڪنهن کي به هراسان ناهي ڪيو ويو، هن ڌيڪ چيو ته منهنجي موڪل مير رضا کي قتل ڪيو ويو آهي، جيڪڏهن اڄ محمد احمد کي ضمانت ڏني وئي ته انهي ڪيس سان لاڳاپيل باقي جوابدار ضمانت وٺندا، هن چيو ته مير رضا جي قتل خلاف اسان  نه پر شهري پاڻ جلوس ڪڍي رهيا آهن، اهي مير جي والدين کي رڳو شرڪت لاءِ چوندا آهن.