مير رضا کي سيني ۾ گولي لڳي: شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ: وارثن پاران بي اعتمادي

ڪراچي(رپورٽ: حبيب جمالي) ڪراچي جي علائقي پي اي سي ايڇ ايس جي رهواسي مير رضا علي جي قتل ڪيس ۾ نئين اڳڀرائي، شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ جاري، ابتدائي رپورٽ موجب مقتول کي سيني ۾ هڪ گولي لڳي، جيڪا پٺي مان ٻاهر نڪري وئي، جنهن سبب دل ۽ ڦڦڙن کي شديد نقصان پهتو. پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته لاش لڳ ڀڳ 24 کان 36 ڪلاڪ پراڻو هو، جڏهن ته موت جو سبب گولي لڳڻ کانپوءِ وڌيڪ رت وهي وڃڻ ۽ جسماني عضون جي ڪم ڪرڻ بند ٿيڻ سبب پيدا ٿيندڙ هيمريجڪ شاڪ قرار ڏنو ويو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته مقتول جي جسم تي ڪنهن به ٻئي تازي زخم يا هڏي ڀڄڻ جا ثبوت نه مليا. پوسٽ مارٽم دوران اهو پڻ سامهون آيو ته لاش ڳري چڪو هو، جڏهن ته ڪيميائي تجزيي لاءِ معدي، جگر، گردن، پتو ۽ ٻين عضون جا نمونا محفوظ ڪيا ويا آهن. رپورٽ موجب ڪيميائي تجزيي جي حتمي رپورٽ اڃا اچڻي باقي آهي، جنهن کانپوءِ فرانزڪ ۽ ڪيميائي جاچ جي بنياد تي موت بابت حتمي راءِ قائم ڪئي ويندي. هوڏانهن پوليس سرجن ڊاڪٽر سميعه راحيل چيو آهي ته مقتول کي رڳو هڪ گولي لڳي هئي، جڏهن ته سندس جسم تي تشدد يا لاش کي ساڙڻ جا ڪي به ثبوت نه مليا آهن، هوڏانهن مير رضا علي جي وارثن پاران  شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ سنگين غلطيون سامهون اچڻ بعد ڪيس جي جاچ متاثر ٿيڻ جا خدشا ظاهر ڪيا آهن ميڊيڪو ليگل ذريعن موجب شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ مان ظاهر ٿيو آهي ته لاش 24 کان 36 ڪلاڪ پراڻو هو. رپورٽ ۾ گولي داخل ٿيڻ وارو زخم وڏو ۽ نڪرڻ واري زخم ننڍو ڄاڻايو ويو آهي. ذريعن موجب وارثن پاران ظاهر ڪيل تصويرن ۾ چيلهه  تي گولي جو ننڍو نشان ۽ سيني تي وڏو نشان نظر اچي رهيو آهي، جنهن مان اهو تاثر ملي ٿو ته گولي پٺيءَ کان لڳي ۽ سامهون کان ٻاهر نڪتي. ذريعن جو چوڻ آهي ته لاش ڦوڪيل حالت ۾ هو، چهرو سخت متاثر هو ۽ انهي جي خراب ٿيڻ جا سبب مٿي جي تفصيلي معائني سان وڌيڪ واضح ٿي سگهن ها. تصويرن موجب لاش جي کاٻي هٿ جون آڱريون ٽٽل گاهه سان گڏ مٺ جي شڪل ۾ بند هيون، جڏهن ته ساڄي هٿ تي به ڪجهه مشڪوڪ نشان نظر آيا.  هوڏانهن پوليس جي  جاچ ٽيم 29 جولاءِ تي صبح 8 وڳي جي سي سي ٽي وي وڊيو پڻ حاصل ڪري ورتي آهي. فوٽيج ۾ واقعي واري هنڌ تي ٿيلهو کڻي ڪچرو چونڊيندڙ هڪ شخص نظر اچي ٿو، جيڪو ڪجهه منٽن بعد اتان هليو وڃي ٿو. جاچ اختيارين موجب شڪ آهي ته واقعي ۾ استعمال ٿيل هٿيار ممڪن طور اهو ئي شخص کڻي ويو هجي. واضح رهي ته مير رضا علي جو لاش 29 جولاءِ تي صبح 11 وڳي کانپوءِ هٿ آيو هو.
 

مير رضا جي ڀائيوارن، گيسٽ هائوس جي  ملازمن، ٽيڪسي ڊرائيور سميت 19 شڪي گرفتار
 

ڪراچي:  پوليس ذريعن ٻڌايو ته مير رضا قتل ڪيس جي تحقيقات دوران مجموعي طور تي 19 ڄڻن کي حراست ۾ ورتو آهي. حراست ۾ ورتل ماڻهن ۾ نجي گيسٽ هائوس جا ملازم، جن ماڻهن وٽان نوجوان جو موبائل فون مليو، نوجوان مير رضا جا ڀائيوار (پارٽنر)، آن لائين ٽئڪسي ڊرائيور ۽ ڪجهه اهم ماڻهو شامل آهن.
 

مير رضا هڪ دوست کي ميسيج ڪري 3 ڪروڙ رپيا اوڌرگهريا هئا: موبائل ڊيٽا رڪارڊ هٿ
 

ڪراچي: ڪراچي پوليس مير رضا علي  جو موبائل ڊيٽا رڪارڊ هٿ ڪري ورتو، پوليس  موجب 28 جولاءِ جي رات جو مير رضا پنهنجي هڪ دوست کي ميسيج ڪري 3 ڪروڙ رپيا اوڌرطور گهريا هئا، هن  چيو هو ته ” آئون تمام گهڻي ڏکيائيءَ ۾ آهيان، رقم جي شديد ضرورت آهي.“ موبائل ڊيٽا رڪارڊ مان لڳي ٿو ته مير رضا مختلف ماڻهن جو قرضي هو.