مير شير محمد ٽائون وٽ سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن کان ٻيڻ تي وڌيڪ بجيٽ

آگسٽ 2, 2023

ميرپورخاص(بيورورپورٽ)ٽي ايم سي مير شير محمد جي ھڪ ارب 35 ڪروڙن جي بجيٽ پيش، ھڪ لک 15 ھزار رپيا بچت ڏيکاري وئي

خبر موجب ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن مير شير محمد ٽالپر جي ھڪ ارب 35 ڪروڙ 96 لک 88 ھزار 828 رپين جي سال 24_2023ع جي لاءِ بجيٽ پيش ڪئي وئي، ٽي ايم سي جي بجيٽ اڪائونٽ آفيسر فرحان دايو پيش ڪئي. بجيٽ ۾ ٻڌايو ويو آھي

 ٽي ايم سي جي خرچن جو ڪاٿو ھڪ ارب 35 ڪروڙ، 95 لک 83 ھزار 828 آھي، اھڙيءَ ريت بجيٽ ۾ ھڪ لک 15 ھزار رپيا بچت ڏيکاري وئي آھي. ياد رهي ته ڪنڌڪوٽ، قمبر ۽ ٻين ضلعن جي بجيٽ به ان کان اڌ کان گهٽ آهي

Leave A Comment