| مير غلام محمد ٽالپر ٽيم ملڪ لعل محمد ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ کٽي ورتو، شهير عباسي فائنل جو هيرو |
ٽنڊوباگو (ن پ ا) ملڪ لعل محمد نائٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو فائنل مير غلام محمد خان ٽالپر ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ٽنڊوباگو ۾ مير غلام محمد خان ٽالپر ڪرڪيٽ ٽيم ٽنڊوباگو ۽ ڄام شورو ڪرڪيٽ ڪلب جي وچ ۾ ٿيو. ڄام شورو ڪرڪيٽ ڪلب جي ٽيم ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ڄام شورو ڪرڪيٽ ڪلب مقرر 20 اوورن ۾ صرف 155 رنسون اسڪور ڪري سگهي. جواب ۾ مير غلام محمد خان ٽالپر ڪرڪيٽ ڪلب ٽنڊوباگو جي ٽيم 19 اوورن ۾ مليل هدف 5 وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪري فائنل جي فاتح ٽيم بڻجي وئي. بهترين راند جو مظاهرو ڪندي مير غلام محمد ڪرڪيٽ ڪلب جي رانديگر ذوهيب رستماڻي 70 رنسون اسڪور ٺاهي پنهنجي ٽيم کي فائنل ميچ کٽائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. نهال قريشي 45 رنسون ۽ شهير عباسي پڻ سٺي راند جو مظاهرو ڪندي 18 رنسون اسڪور ڪري ناٽ آئوٽ رهيو هن بالنگ ڪندي ڄام شورو جي ٽيم جي 4 رانديگرن کي آئوٽ ڪري بهترين بالنگ جو مظاهرو ڪيو. فائنل ميچ جي مين آف دي ميچ جو ايوارڊ شهير عباسي کي ڏنو ويو. جڏهن ته ٽورنامينٽ جي بهترين بيٽسمين جو ايوارڊ نهال قريشي کي ڏنو ويو. آخر ۾ ميچ جي مهمان خاص ملڪ مزمل ۽ مير غلام محمد خان ٽالپر ڪرڪيٽ ڪلب جي سرپرست اعلي خالد بلوچ ٻنهي ٽيمن جي رانديگرن ۾ انعام ورهايا.