مرتضيٰ ڀٽو قتل ڪيس: واجد دراني ويل چيئر تي پيش: فوتي جوابدارن جي لسٽ طلب

ڊسمبر 13, 2023

ڪراچي (رپورٽ: نظير ميمڻ) پ پ ( ش ڀ ) چيئرمين  شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو قتل ڪيس ۾ رٽائرڊ پوليس آفيسر واجد دراني ويل چيئر تي پيش، عدالت پاران فوتي جوابدارن جي تصديق ٿيل لسٽ طلب، ڪالهه سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ شھيد مير مرتضيٰ ڀٽو  قتل ڪيس جي جوابدارن جي بريت خلاف داخل اپيل جي ٻڌڻي دوران اڳوڻو پوليس آفيسر واجد دراني ويل چيئر تي پيش ٿيو، جڏهن ته اڳوڻو پوليس آفيسر گلزار خان، احمد خان ۽ ٻيا پڻ عدالت آيا،  ٻڌڻي دوران وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته ڪيس ۾  نامزد ڪراچي جو  اڳوڻو ڊي آءِ جي ڊاڪٽر شعيب سڊل پرڏيهه ويل آهي، کيس پيش ٿيڻ لاءِ مھلت ڏني وڃي، عدالت شعيب سڊل، ذوالفقار احمد، ظفراقبال ۽ ٻين کي طلب ڪري ورتو، ٻڌڻي دوران وڪيل ٻڌايو ته اڳوڻو پوليس چيف شاهد حيات، شبير احمد قائمخاني، مسلم شاهه سميت ڪجهه جوابدار فوت ٿي چڪا آهن، جنهن تي عدالت چيو ته جيڪي جوابدار فوت ٿي ويا آھن انھن جي تصديق ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي، عدالت ان ڏس ۾ ايس ايس پي اوڀر کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو، عدالت چيو ته هي ڪيس گهڻو پراڻو آهي، سمورن جوابدارن کي وڪيلن سان گڏ پيش ٿيڻ گهرجي، ايندڙ ٻڌڻي تي اپيل تي باقاعده ٻڌڻي ڪئي ويندي، واضح رهي ته مير مرتضيٰ ڀٽو جي ملازم نور محمد گوگا 2010ع ۾ جوابدارن جي بريت خلاف اپيل داخل ڪئي هئي. 20 سيپٽمبر 1996ع تي مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ سندس ساٿين کي سندس گهر 70 ڪلفٽن ڀرسان گوليون هڻي قتل ڪيو ويو هو، واقعي جا 2 ڪيس داخل ٿيا هئا، ڊسمبر 2009 ۾ ماتحت عدالت 20 پوليس آفيسرن کي بري ڪيو ھو، ساڳئي عدالت مرتضيٰ ڀٽو ۽ سندس ساٿين کي به ڪيس مان بري ڪري ڇڏيو ھو، عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 23 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

Leave A Comment