ميسيجز جو جواب نٿيون ڏيو: بگ بي جو پريٽي کي ڏوراپو 

ميسيجز جو جواب نٿيون ڏيو: بگ بي جو پريٽي کي ڏوراپو 

ممبئي (ڪلچرل ڊيسڪ) بالي ووڊ  جي ڪنگ ۽ ميزبان اميتاب بچن پنهنجي شو ‘ڪون بني گا ڪروڙ پتي؟” دوران اداڪاره پريٽي زيٽا سان کلندڙ انداز ۾ شڪايت ڪندي چيو ته “توهان ميسجز جو جواب ئي نٿيون ڏيو” بگ بي چيو  ته هوءَ هر سال 31 جنوري تي کيس جنم ڏينهن جي مبارڪباد ڏيندو آهي پر کيس ڪڏهن به جواب نٿو ملي. جنهن تي پريٽي  مرڪندي چيو ته هوءَ هفتي کانپوءِ سندس پيغامن جو جواب ڏيندي آهي، ٻئي اداڪار “محبتين ” ، “ڪڀي الوداع نه ڪهنا” ۽ ‘دي لاسٽ ليئر’ سميت ڪيترن ئي فلمن ۾ گڏجي ڪم ڪري چڪا آهن،