لاهور (ڪلچرل نيوز) ميشا شفيع جي وڪيل ثاقب جيلاني سيشن ڪورٽ جي 50لک ڏنڊ واري فيصلي کي هاءِ ڪورٽ ۾ چيلنج ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، هن چيو ته هو ميشا شفيع ڪيس ۾ فيصلي جي تصديق ٿيل ڪاپي حاصل ڪرڻ کانپوءِ جائزو وٺندو، جنهن بعد سيشن ڪورٽ جي فيصلي کي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چيلنج ڪندو. ياد رهي ته سيشن ڪورٽ ڳائڻي علي ظفر جي دعويٰ تي ميشا شفيع خلاف 50 لک هرجاڻي جي سزا ٻڌائي هئي.