ميلبورن جي پچ غيرتسلي بخش قرار، هڪ ڊي ميرٽ پوائنٽ

ميلبورن جي پچ غيرتسلي بخش قرار، هڪ ڊي ميرٽ پوائنٽ

دبئي (اسپورٽس نيوز) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) ايشز سيريز جي باڪسنگ ڊي ٽيسٽ ٻن ڏينهن اندر ختم ٿيڻ کانپوءِ ميلبورن ڪرڪيٽ گرائونڊ (ايم سي جي) جي وڪيٽ کي غير تسلي بخش قرار ڏئي ڇڏيو. آءِ سي سي طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ميچ ريفري جيف ڪرو موجب ميلبورن ڪرڪيٽ گرائونڊ جي وڪيٽ غير تسلي بخش هئي. ريٽنگ جي چئن درجن مان پچ ٽئين درجي واري قرار ڏني وئي. پڌرائي ۾ ايم سي جي جي پچ کي بيٽ ۽ بال ۾ توازن نه هئڻ سبب غير تسلي بخش چيو ويو. ميچ ريفري جيف ڪرو موجب ايم سي جي جي پچ بالرن لاءِ وڌيڪ فائديمند هئي، ميچ جي پهرئين ڏينهن 20 ۽ ٻئي ڏينهن 16 وڪيٽون ڪريون، جڏهن ته چئن اننگزن دوران ڪو به بيٽر ففٽي اسڪور نه ڪري سگهيو. جيف ڪرو چيو ته غير تسلي بخش قرار ڏيڻ سبب وينيو کي هڪ ڊي ميرٽ پوائنٽ ڏني وئي آهي.