ميل نرس هڏ حرام، مريضن کي ننڊ واريون سيون هڻي ٿو، عمر قيد

ميل نرس هڏ حرام، مريضن کي ننڊ واريون سيون هڻي ٿو، عمر قيد

برلن(انٽريسٽنگ نيوز) جرمني جي اسپتال ۾ هڪ عجيب ۽ حيران ڪندڙ ڪيس سامهون آيو ، جتي هڪ مرد نرس هڏحرامي جي انتها ڪري ڇڏي. رپورٽن مطابق، مرد نرس پنهنجي رات جي شفٽ دوران ڪم کان بچڻ لاءِ مريضن کي اهڙي قسم جي دوا ڏيندو هو جنهن سبب مريض غفلت ۾ اچي وڃن ۽ سڄي رات سمهيا  رهن. نرس تي 10 مريضن جي قتل ۽ 27 کان وڌيڪ مريضن جي قتل جي ڪوشش ڪرڻ جا الزام لڳايا ويا، عدالت کيس عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي.  نرس وڏي عمر وارن مريضن کي وڌيڪ مقدار ۾ Morphine۽ Midazolamجهڙيون سور گهٽائڻ واريون ۽ ننڊ واريون دوائون ڏنيون هيون، مريض غافل ٿي ويا سندن زندگيون پڻ خطري ۾ پئجي ويون.عدالت نرس جي ڏوهه  کي “خاص سنگيني جو جرم” قرار ڏنو ، جنهن سبب کيس 15 سالن بعد به جيل مان آزاد ٿيڻ جو موقعو نه ملي سگهندو. جوابدار جو نالو ڳجهو رکيو ويو ، ڇو ته جرمن قانون مطابق عدالت ۾ نامزد ٿيل ماڻهو جو نالو عوامي ڪرڻ تي پابندي آهي. اهو ڪيس جرمن صحت جي نظام ۾ هڪ وڏو تڪرار  ۽ سوال پيدا ڪري سگهي ٿو، جتي اسپتالن ۾ دوائن جي استعمال ۽ نرسن جي نگراني تي وڌيڪ بحث ٿيندو.