ڪشمور (رپورٽ: شريف ڄامڙو)ڪشمور جي ڪچي ۾ چوپائي مال جي چوري تان ٻن ڌرين ۾ تڪرار، هٿياربندن 3 ڄڻن کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو
ڪشمور جي گيهلپور ڪچي واري علائقي ۾ ڪوش ۽ شر ذات جي ٻن ڌرين ۾ چوپائي مال جي چوري جي معاملي تي تڪرار هلندڙ آهي
شر ذات جي ھٿياربندن ھٿان ڪوش ڌر جا 3 ڄڻا مارجي ويا، ڳوٺ پٺاڻ ڪوش واسي ميھوال ڪوش، بچل ڪوش ۽ ببل ڪوش کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو
ڪوش ڌر جا 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن ۾دلاور ڪوش ۽ سندس 2 پٽ سخي ڪوش شامل آهن، واقعي بعد ڌرين ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي آهي
ڪجهه ڏينهن اڳ شر ذات جي ماڻهن ڪوش ڌر جي ھڪ مينھن چوري ڪئي ھئي ۽ اهڙو ڏوهه قبول به ڪيو هو، مينھن واپس ڪرڻ خاطري ڪرائي هئي
مينهن واپس نه ڪرڻ تي شر ڌر جا ماڻهو گذريل ڏينهن چوري جي الزام هيٺ آيل ڌر جي گهر تي چڙهائي ڪري 15 مينهون ڪاهي ويا
شر ذات جي ماڻهن 15مينهون ڪاهي وڃڻ تي ڪوش ڌر جي گهرن مٿان حملو ڪيو ويو جنهن ۾ 2 ڄڻا قتل ٿي ويا آهن
گيھلپور ۽ حاجي خان شر ٿاڻي جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ڌرين کي وڌيڪ جھيڙي کان روڪڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهي