مين پڙي کائڻ سبب ڪينسر ۾ مبتلا نوجوان فوت
مَي 25, 2023
مسو ڀرڳڙي لڳ هٽڙي ٿاڻي جي حد جي ڳوٺ واڻڪي وسي ۾ نوجوان شوڪت ولد محمد رحيم لغاري وات جي ڪينسر وگهي فوت ٿي ويو
شوڪت کي مين پڙي واپرائڻ جي ڪري زبان ۾ زخم ٿي پيو هو جنھن جون ٽيسٽون ڪرايون ويون جنھن ۾ ڊاڪٽرن پاران ڪينسر جي تشخص ڪئي وئي.
آغاخان اسپتال منتقل ڪري آپريشن ڪرايو ساڍا چار لک خرچ ٿيو پر ڇھه مھينا گذرڻ باوجود بيماري نه ڇڏيو ۽ نيٺ هو اڄ ڪراچي جي هڪ اسپتال ۾ فوت ٿي ويو.