ميھڙ(ن پ ا) ڊي سي دادو فياض حسين راھوجو ميھڙ پھچي تعلقي اسپتال ، روينيو آفيس ، سب جيل ، لائبريري ۽ ٻين ھنڌن جا دورا ڪيا
تعلقي اسپتال جي دوري دوران ڊي سي سمورن شعبن جا دورا ڪيا.اسپتال ۾ موجود ماڻھن پاران تعلقي اسپتال ميھڙ ۾ دوائن جي کوٽ
ڊيوٽي ڊاڪٽر غائب ھجڻ ۽ سھولت جي اڻاٺ خلاف شڪايتن جا ڍير لڳائي ڇڏيا آھن جڏھن ته اسپتال ۾ صفائي نه ھجڻ ،الٽراسائونڊ، ليبارٽري ، ايڪسري مشينون غير فعال ھجڻ
۽ اکين جي شعبن ۾ سھولتون نه ھجڻ ، ۽ ڊاڪٽر ڊيوٽي تان گم ھجڻ توڙي ليڊي ڊاڪٽرس جي موجودگي نه ھجڻ تي ڊي سي دادو پاران ڊي ايچ او دادو ۽ ايم ايس تي ناراضگي جو اظھار ڪندي کيس ڇنڊ پٽيندو رھيو
جڏھن ته اسپتال جي ھڪ ملازم جانشير چانڊيو پاران ڊي سي دادو جي دوري دوران آفيس ۾ سگريٽ پيئڻ تي کيس ڇنڊ پٽي ڊي سي دادو سب جيل ميھڙ پڻ پھتو جتي قيدين پاران ماني نه ملڻ ، پاڻي جي کوٽ ، صفائي نه ھجڻ ، دوا نه ملڻ جون شڪايتون ڪيون
ان موقعي تي ڊي سي دادو جيل عملي کي قيدين کي ٽي ويلا ماني ، ھڪ دفعو چانھ ، ھڪ ڊاڪٽر مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪيو ھن چيو ته قيدين کي سھولتون نه ڏنيون ويون ته لاڳاپيل عملي خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي
ڊي سي دادو روينيو آفيس ، لائبريري ، پبلڪ ھيلٿ ۽ ٻين آفيسن جو پڻ دورو ڪيو . ڊي سي دادو فياض حسين راھوجو صحافين سان ڳالھائيندي چيو آھي ته تعلقي اسپتال جي حالت خراب آھي ڊي ايڇ او دادو کي ھدايت ڪئي آھي
جڏھن ته ايم ايس جي نااهلي خلاف صحت کاتي کي ھٽائڻ لاءِ لکيو ويندو ۽ اسپتال ۾ سھولتن لاء پڻ صحت کاتي کي لکندس جيڪي عملو ڊيوٽي تان غائب آھي انھن جي خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي
ھن چيو ته روينيو آفيس ۾ ڪرپشن ۽ ڪوڙن فردن واري مامري تي ڪجهه ماڻھن کي معطل ڪيو آھي باقي رھيل ماڻھن خلاف سيڪريٽري کي لکيو آھي. انھن خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي جلد ميھڙ مان جيڪي به ننڍا ننڍا قبضا آھن
انھن خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي جڏھن ته مختيارڪار جي بنگلي سميت سرڪاري عمارتن ۽ زمينن تي قبضا ڪندڙن خلاف ڪاروائي لاء اعلي اختيارين کي لکندس ھن چيو ته منھنجو اوچتو دورو ھيو اڳتي به اھڙا دورا ڪندس سماجي تنظيمن سان ملي ٻوڏ متاثرين جي بحالي لاءِ ڪم ڪري رھيا آھيون
ان موقعي تي ڊي سي دادو سان گڏ ڊي ايڇ او دادو ڊاڪٽر عبدالحميد کونھارو ، اي سي ميھڙ مولاداد دراني ، سي ايم او بابر مگسي ۽ ٻيا آفيسر پڻ گڏ ھئا