ميهڙ جا ٻوڏسٽيل بحالي لاءِ وس وارن جي اوسيئڙي ۾ ويٺل

مَي 16, 2023

ميهڙ(ن پ ا) گذريل سال آيل ٻوڏ جي تباهين جو ازالو ڪرڻ لاءِ اختيارين خاص اپاءَ نه ورتا، هزارين ڳوٺاڻا سخت ڏکيائين ۾ زندگي گهارڻ لڳا، اجها تباهه ٿي وڃڻ سبب سخت گرمي ۾ متاثر کليل آسمان هيٺ ويٺل سپريو بند وٽ 100 کان وڌيڪ گهرن تي مشتمل ڳوٺ محمد يعقوب سولنگي جي صورتحال انتهائي خراب آهي ڳوٺ ۾ سماجي تنظيم توڙي تڪ مان چونڊيل نمائندو  وٽن لڙي ناهي آيو جنهن سبب واهر ناهي ٿي سگھي سخت گرمي اجها نه هجڻ سبب ڳوٺاڻا عذاب واري زندگي گذاري رهيا آهن ڳوٺاڻن قربان سولنگي ، پپو سولنگي ، مسمات حسنه ، مسمات سڀائي ، شيراز سولنگي ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته گهر ۾ کائڻ لاءِ ڪجهه به ناهي بچيو ھڪ ويلھي جي ماني به کائڻ لاءِ پريشان آهيون شديد گرمي سبب اجھا نه ھجڻ ڪري ڏاڍين ڏکيائين جو شڪار آهيون ڳوٺاڻن سنڌ سرڪار توڙي عالمي ادارن کان اپيل ڪئي آهي ته اسان جي حالت تي رحم کائي اسان کي اٽو ، لٽو ۽ اجھو  فراهم ڪيو وڃي

Leave A Comment