ميهڙ جي نياڻي بسما نور جتوئي سي ايس ايس امتحان پاس ڪري ورتو
جُون 10, 2023
ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ) تعليمي ميدان ۾ سنڌ جون نياڻيون به ڪنهن کان پوئتي ناهن، بسما نور جتوئي سي ايس ايس 2022ع جو امتحان پاس ڪري ورتو آهي
بسما نور جتوئي ميهڙ واسڻ ٻڌائي پئي وڃي ۽ سندس رهائش حيدرآباد ۾ آهي، بسما نور جتوئي ڪميشن جو امتحان پاس ڪري ورتو آهي
سوشل ميڊيا تي ڄاڻايو ويو آهي ته سما نور جتوئي کي سي ايس ايس امتحان پاس ڪرڻ کانپوءِ پاڪستان ڪسٽم سروسز گروپ الاٽ ڪيو ويو آهي (پنهنجي اخبار ڊاٽ ڪام)