ميهڙ:چونڊيل نمائندن شهر کي ننڌڪو ڪري ڇڏيو:برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيو

آگسٽ 2, 2023

ميهڙ(رپورٽر) ميھڙ ۾ برسات کي وسندي ھڪ ھفتو گذري ويو پر شھر ۾ صفائي نه ٿي،  ميونسپل عملي پاڻي نيڪال لاءِ ڪو به تحرڪ نه ورتو،  شھري عذاب ۾ اچي ويا

تفصيل موجب ميھڙ ۾ برسات کي وسندي ھڪ ھفتو گذري ويو آھي پر  شھر جي اڪثر محلن ۽ پاڙن  ماروي ڪالوني، ابراھيم چنا ڪالوني، مصطفي ڪالوني ٻيٽو روڊ، گاھي مھيسر روڊ، قاضي عارف روڊ، ٿيٻا روڊ تي پاڻي جا تلاءَ بڻيل آھن

روڊن تي گندو پاڻي بيھڻ سبب ماڻھن جي اچ وڃ ۾ سخت تڪليفون پيش اچي رھيون آھن، جڏھن ته برسات کي ھڪ ھفتو گذرڻ باوجود ميونسپل عملي تحرڪ ناھي ورتو ڪروڙين روپين جي بجيٽ، موٽر ۽ ٻيون سھولتون ھجڻ باوجود ميونسپل چيئرمين صفائي ڪرائي ناھي سگھيو ۽ نه وري روڊن، گھٽين ۾ بيٺل پاڻي نيڪال ٿي سگھيو آهي

شھرين  فرمان چنا ، عادل تيوڻو ۽ ٻين جو چوڻ آھي ته افسوس جو ميھڙ ميونسپل جي ڪروڙن جي بجيٽ ھوندي صفائي ناھي چونڊيل نمائندن جي نااھلي سبب شھر ۾ گندگي ڦھليل آھي

ھنن چيو ته تڪ جي چونڊيل نمائندن به شھر جي ڪا سار نه لڌي آھي، شھري انتھائي پريشانين کي منھن ڏيڻ لڳا آھن، ھنن گھر ڪئي ته ميھڙ ۾ صفائي ڪرائي برسات جو بيٺل پاڻي نيڪال ڪرائي روڊ رستا بحال ڪري شھرين جي بيچيني ختم ڪئي وڃي

Leave A Comment