ميهڙ جي ڪچي اندر ٻاڪري مال ۾ بيماري، سوين ٻڪريون ۽ ڇيلا مري ويا، واڙ خالي

ميهڙ جي ڪچي اندر ٻاڪري مال ۾ بيماري، سوين ٻڪريون ۽ ڇيلا مري ويا، واڙ خالي

ميھڙ (ن پ ا) ميھڙ جي ڪچي واري علائقي ۾ ٻاڪري مال ۾ پراسرار بيماري روزانو سوين ٻڪريون مرڻ لڳيون مسڪين ماڻھن جا ٻڪرين سان ڀريل واڙ خالي ٿي وئي، ڀنڊ ماڙي  ڀر پاسي وارن ڳوٺن جي ڳوٺاڻن دلدار لاکير، لقمان لاکير ، عاشق چانڊيو ۽ ٻين دانھيندي ٻڌايو ته ٻاڪري مال ۾ پر اسرار بيماريءَ سبب اسان جا سوين جانور مري ويا آھن اسان جون سٺي نسل جون ٻڪريون ۽ عيدالاضحيٰ   لاءِ بيھاريل ڇيلا به مري ويا آھن، ھنن لائيو اسٽاڪ کاتي جي عملدارن کان اپيل ڪندي گھر ڪئي ته جلد کان جلد اسان جي علائقي ۾ چوپائي مال جي ڊاڪٽرن جي ٽيم موڪلي وڃي ته جئين ويڪسين ٿي سگھي