ميهڙ لڳ جوابدار ڏنڊا هڻي زال قتل ڪري ڇڏي، ننهن زخمي
ڊسمبر 6, 2024
ميھڙ (ن پ ا) ميھڙ جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ٻيٽو روڊ اٽڪ پيٽرول پمپ ڀرسان محمدي ڪالوني ۾ مڙس عبدالرسول سولنگي مبينا ڏنڊا ھڻي بيدردي سان پنھنجي زال 5 ٻارن جي ماءُ 52 ورھين جي فاطمه سولنگي کي مرڻينگ ڪري فرار ٿي ويو، زخمي عورت کي تعلقي اسپتال بعد لاڙڪاڻو نيو ويو، جتي ھوءَ زخمن جا تاب نه سھندي فوت ٿي وئي آھي جڏھن ته مڙس پاران زال تي تشدد ڪرڻ دوران سس کي ڇڏائڻ وقت سندس ننھن فرزانه سولنگي پڻ زخمي ٿي پئي آھي، فوتي عورت جو لاش گھر پھچڻ تي گھر ۾ ڪھرام مچي ويو آھي آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل ٿي نه سگھيو آھي.