ميهڙ مان گهران نڪري ويل شاگردياڻين ۽ گرفتار جوابدار جي ضمانت منظور، آزادي ۽ تحفظ جو حڪم

ميهڙ مان گهران نڪري ويل شاگردياڻين ۽ گرفتار جوابدار جي ضمانت منظور، آزادي ۽ تحفظ جو حڪم

ميھڙ (رپورٽ: عبدالرحمان قمبراڻي) ميھڙ جي ٿرڊ سول جج جوڊيشل مئجسٽريٽ محمد عظيم سولنگي جي عدالت ٽنھي شاگردياڻين جا 164 جا بيان ۽ گرفتار جوابدار جا 162 جا بيان مڪمل ٿيڻ بعد ميھڙ جي عدالت فيصلو ٻڌائيندي جوابدار زين مھر کي ٽنھي شاگردياڻين جي الڳ الڳ ڪيس ۾ 5/5/5 لک (مجموعي طور 15 لک ) روپين جي مچلڪن عيوض خود ضمانت تحت آزاد ڪندي ۽ ھر ھڪ حاضري تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو، جڏهن ته ٽنھي شاگردياڻين جي والدين کان به  الڳ الڳ 20/20/20 لک روپين جا مچلڪا ضمانتي عيوض تحت ٽنھي شاگردياڻين کي والدين حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ ميھڙ جي عدالت ٽنھي شاگردياڻين کي پوليس پھري ھيٺ والدين حوالي ڪرڻ ۽ تحفظ ڏيڻ جو حڪم پڻ ڏنو آھي، شاگردياڻي فاطمه جانوري جي والد عبدالستار جانوري ، شاگردياڻي روشني تيوڻو جي والد گل محمد تيوڻو ، شاگردياڻي تنزيلا پنھور جو والد ملڪ کان ٻاھر ھجڻ ڪري کيس امڙ مسروز پاران عدالت کي الڳ الڳ 20 لک روپين جو ضمانتي دستاويز لکي ڏيندي ڄاڻايو آھي ته اسين پنھنجين ڌيئرن کي ڪو به نقصان نه ڏينداسين ۽ ان کي باحفاظت گھر ۾ رھائينداسين، هوڏانهن ميھڙ جي عدالت ٽنھي شاگردياڻين جي مبينا اغوا واري واقعي جو ميھڙ بي سيڪشن ٿاڻي تي ٽي ڌار ڌار داخل ٿيل ٽنھي ڪيس جي ٻيھر 17/08/2026 تي حاضري مقرر ڪري ڇڏي،
 

شاگردياڻين کي سڃاڻان، نه ئي اغوا ڪيو آهي: جوابدار

ميهڙ : ميھڙ جي عدالت ۾ جوابدار زين مھر پڻ پنھنجي وڪيل جي معرفت بيان رڪارڊ ڪرائيندي ڄاڻايو ته مان ھنن شاگردياڻين کي نه ٿو سڃاڻان ۽ نه وري ھنن کي اغوا ڪيو آھي مون کي پوليس خبر نه آھي ڇو گرفتار ڪيو آھي ۽ مونسان انصاف ڪيو وڃي

عدالت ۾ شاگردياڻين جا والدين موجود، سيڪيورٽي سخت، ميڊيا کي ڪوريج ڪرڻ نه ڏني وئي
 

ميھڙ: ميھڙ جي عدالت ۾ حاضري دوران ٽنھي شاگردياڻين جا والدين پڻ پھتل ھئا جڏھن ته ڪورٽ اندر سيڪيورٽي سخت ڪندي ميڊيا کي پڻ ڪوريج ڪرڻ کان روڪيو ويو ھو