| ميهڙ واسڻ ناري مبينا اغوا بعد جنسي زيادتي جو شڪار، ڀاءُ ذهني توازن وڃائي ويٺو، زنجير سان ٻڌل |
ميھڙ (ن پ ا) ميھڙ جي ٺارو ڏيپر جي رھواسڻ ناري سنگيتا پنھجي والد ايوب ڏيپر ۽ پڦي نجيبان ڏيپر سان گڏ احتجاج ڪيو، ناري الزام ھڻندي چيو ته 4 مھينا پھرين جوابدارن صداقت بروھي، اعجاز، نواب بروھي ۽ قمر ماڇي گڏجي مون کي اغوا ڪري ڪراچي کڻي ويا، جتي صداقت بروھي مسلسل 9 ڏينھن جنسي زيادتي ڪئي، بعد ۾ جوابدارن مون کي ايس ايچ او نيڪ محمد کوسو حوالي ڪيو، جتي جوابدارن سان منھنجي مامن غازن ۽ بخشل ڏيپر جرڳو ڪري انھن کان 15 لک رپيا ڏنڊ جا پئسا وٺي پاڻ وٽ رکيا ۽ مون کي ذوالفقار ڏيپر سان شادي ڪرائي ڇڏي، ناري چيو ته والد سان ملڻ به نه ڏيندا هئا، چوندا هئا ته وارث توکي قتل ڪري ڇڏيندا، مان وجهه وٺي مڙس جي گهران نڪري والد وٽ پهتي آهيان، جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري مون سان انصاف ڪيو وڃي، ان موقعي تي ناري جي والد ايوب ڏيپر چيو ته جوابدار منھنجي نياڻي کي اغوا ڪري ڪراچي کڻي ويا کيس زيادتي جو نشانو بڻائيندا رھيا پر ان ڪيس ۾ ميھڙ پوليس ڪا به ڪاروائي ناھي ڪئي، ٿاڻن جا چڪر ڪاٽيا آھن، پر اسان جي دانهن نه ٻڌي وئي، منهنجي ڌيءُ کي اغوا بعد وڪرو ڪيو ويو، هن چيو ته نياڻي جي اغوا بعد سندس ڀاءُ رحيم بخش ڏيپر صدمي ۾ دماغي توازن وڃائي ويٺو آھي جنھن کي زنجيرن سان گھر ۾ ٻڌي ڇڏيو آھي، ھن چيو ته اسان اھڙي ظلم خلاف عدالت ۾ ڪيس داخل ڪيو آھي، اسان کي عدالت مان انصاف جي پوري اميد آھي، جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.