ميهڙ واسڻ نينگري اجالا پروين سولنگي بازياب نه ٿي: سڄو شهر نڪري آيو، 5 ڪلو ميٽر مارچ

ميهڙ واسڻ نينگري اجالا پروين سولنگي بازياب نه ٿي: سڄو شهر نڪري آيو، 5 ڪلو ميٽر مارچ

ميهڙ/فريد آباد (نمائندن وٽان) ميھڙ جي اياز ڪالوني مان 6 ڏينھن اڳ گم ٿيل ٻارڙي جو پتو نه پيو، پوليس پاران ٻارڙي جي درست اطلاع تي انعام رکڻ ۽ آءِ جي پاران نوٽيس وٺڻ بعد به نينگر اجالا پروين سولنگي نه  ملي سگهي، نينگري جي والد جي سڏ تي سول سوسائٽي پاران شھري اتحاد جي چيئرمين نياز علي ٻرڙو، گم ٿيل ٻارڙي جي والد شمس الدين سولنگي، چاچو اختر سولنگي، ناميارو صوفي فنڪار خالد ڀٽي، پ ٽ الف ڪي اين شاهه اڳواڻ غلام علي سيال، علي گوھر ٻٻر، ميھڙ بار جي وڪيلن داد محمد مگسي، وڪيل عابد ڪلھوڙو، وڪيل رشيد ٻگھيو، وڪيل روشن گھانگھرو،  پي ٽي آءِ تعلقي صدر ايوب کوسو ، قومي عوامي تحريڪ جي وڪيل پنھل کوسو، شڪيل عطار، آزاد چنا، عمران تيوڻو، حافظ محمد نواز سولنگي، حافظ دلدار چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اياز ڪالوني سينڌل مھيسر کان گھنٽا گھر چوڪ ۽ نيشنل پريس ڪلب ميھڙ تائين 5 ڪلو ميٽر پيادل مارچ ڪيو ويو، سوين شھرين، واپارين، سياسي سماجي اڳواڻن، وڪيلن، مذھبي جماعت جي اڳواڻن استادن سوڌو وڏي تعداد ۾ ٻارڙا شامل ٿيا، مظاهرين اجالا پروين سولنگي کي بازياب ڪرايو جا زوردار نعرا ھنيا. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته گذريل 6 ڏھاڙن کان اجالا پروين سولنگي گم آھي سندس ڪو پتو ناھي پيو، هنن چيو ته سنڌ ۾ ھڪ گروھه ٻارن جي پويان آھي جيڪو ٻارن کي اغوا پيو ڪري پر افسوس جو ميھڙ، دادو ۽ سنڌ پوليس ان ڏوھاري گروھه خلاف ڪاروائي نه پئي ڪري، سنڌ ۾ ٻار وحشي درندن جي درندگي جا شڪار پيا ٿين پر اھي قانون جي پڪڙ کان پري آھن، ھنن چيف جسٽس سنڌ سميت اعليٰ اختيارين کان گھر ڪئي آھي ته ميھڙ جي اياز ڪالوني مان گم ٿيل ٻارڙي جي بازيابي لاءِ فني ۽ جاچ ٽيمون جوڙي کيس فوري طور بازياب ڪرايو وڃي. هوڏانهن فريدآباد جي سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ظفر سولنگي،سعد الله چانڊيو،شاعر جاني غفور ڇٽو، انمول رياض سنڌي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڇنڊڻ موري تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن ڳالھائيندي چيو ته ميهڙ مان 6 ڏينهن اڳ اسڪول واپسي تي معصوم نياڻي اجالا پروين سولنگي گم ٿي وئي، هنن چيو ته معصوم نياڻي اجالا پروين سولنگي کي باحفاظت بازياب ڪرايو وڃي.