ميهڙ واقعو ڪيس: سوشل ميڊيا تي جج خلاف الزامن تي خيرپور واسي نوجوان گرفتار

ميهڙ واقعو ڪيس: سوشل ميڊيا تي جج خلاف الزامن تي خيرپور واسي نوجوان گرفتار

خيرپور (رپورٽر) ميھڙ ۾ ٽيڻي قتل ڪيس جي فيصلي کان پوءِ سوشل ميڊيا تي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن دادو خلاف پروپيگنڊا ڪرڻ تي خيرپور واسي گرفتار،دادو جي عدالت ۾ ٽيڻي قتل واري اهم ڪيس جي فيصلي کان پوءِ سوشل ميڊيا تي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج دادو زاھد حسين ميتلو خلاف غلط ۽ گُمراھ ڪندڙ پروپيگنڊا ڪرڻ واري معاملي تي دادو ٿاڻي تي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي، پوليس موجب سوشل ميڊيا تي هلندڙ پوسٽن ۽ وڊيوز ۾ سيشن جج دادو خلاف بي بنياد الزام لڳايا ويا آهن، جيڪي عدالتي عمل تي اثرانداز ٿيڻ ۽ عوام ۾ غلط فهميون پيدا ڪرڻ جو سبب بڻيا، ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته خيرپور جو رهواسي شاڪر مسرور مھيسر پڻ مبينا طور سوشل ميڊيا ذريعي جج خلاف منفي مهم هلائڻ ۾ ملوث آهي، جنهن تي دادو پوليس  ڪارروائي ڪندي کيس گرفتار ڪيو آهي. جوابدار کي حراست ۾ وٺي وڌيڪ پُڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي.
 

وزيراعظم جي گهرواري هوندي ام رباب کي انصاف نه ڏياري سگهيس: تهمينه دراني

ميهڙ (ن پ ا) وزيراعظم شهباز شريف جي گهر واري تهمينه دراني سماجي رابطن واري فورم ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ ام رباب چانڊيو جي وارثن جي قتل ڪيس جي فيصلي بابت بيان ڏيندي چيو آهي ته منهنجي دل ان وقت کان روئي رهي آهي جڏهن منهنجي ملاقات ام رباب سان ٿي هڪ وزيراعظم جي گهر واري جي هوندي به کيس انصاف ڏياري نه سگهيس جاگيرداري نظام تائين پهچ تمام گهڻي ڏکي آهي ڇو جو اهو سياسي جماعتن لاءِ ووٽ ذريعي خدمت ڪري ٿو باقي هڪ اميد آهي آصفه ڀٽو پر الائي ڇو اها پهچ کان پري آهي
 

سنڌ آهي ئي وڏيرن جي، مخالفت ڪندڙ ماريا ويندا: ام رباب

ميھڙ (ن پ ا) ام رباب چانڊيو چيو آهي ته مان پاڻ وڪيل آهيان عدالتن جو احترام بابت ڄاڻان ٿي پرامن رهي ڪري 9 سال عدالتن جا چڪر ڪاٽيا آهن، سنڌ آهي ئي وڏيرن جي، جتي مخالفت ڪندڙن کي ماريو وڃي ٿو.  جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ هن وڌيڪ چيو ته منصف خدا کي حاضر ناظر رکي فيصلو ڏيندو آهي ان طرح جو فيصلو الله جي ذات انصاف ڪرڻ واري آهي مان خدا جي ذات ۽ جدوجهد تي يقين رکان ٿي پر هن نظام جو مڪروهه چهرو پورو شعور ڏسي چڪو آهي جج صاحب کي سوشل ميڊيا تي لڳل پوسٽ ته نظر اچي ٿي، پر ٻنهن ضلعن ۾ هٿيارن جي نمائش نظر نه پئي اچي ’144 تحت قانون جون جيڪي ڌڄيون اڏايون ويون اهي نظر ناهن آيون حيران جي ڳالهه آهي سرڪاري مشيِنري سردار جي تحفظ لاءِ استعمال ڪئي وئي هو پيغام ڏنو ويو ته بنيادي طرح ته جيڪو سردار وڏيري خلاف اٿڻ  جي حماقت ڪندو ته ڪرائي جا قاتل ڏينهن ڏٺي جو کين قتل ڪندا انهن جي خلاف ڪاروائي نه ٿيندي اهو پيغام ڏنو ويو رياست طرفان پر اسان جو حوصلو بلند آهي مان سپريم ڪورٽ تائين وئي آهيان مون کي خدشو هيو ته سنڌ ۾ انصاف ملڻ ڏکيو نه پر ناممڪن آهي ھن چيو ته مان عدالتن جو احترام ڪيو هر حاضري تي ويس انصاف وٺڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي پر مون کي خبر آهي ته  سنڌ آهي ئي وڏيرن جي !!!

حڪومت ڌر ناهي، ام رباب ۽ جوابدارن کي فيئر ٽرائل مليو: لنجار

ڪراچي: صوبائي گهرو وزير ضياءَ لنجار چيو آهي ته ام رباب ۽ جوابدار ڌر کي فيئر ٽرائل جو حق مليو، سوشل ميڊيا تي جج تي تنقيد ڪرڻ سٺو عمل ناهي، 200 کان وڌيڪ پئجز تي ججمنٽ آئي آهي، اها پڙهي ڏسو، 8سالن دوران فريادي ڌر ڪنهن ٻئي کي جوابدار نه ڄاڻايو، ايف آءِ آر ٿيندي آهي ته پراسيڪيوشن ان کان ٻاهر ناهي ويندي، ججز ثبوت گهرندا آهن، ائين نٿو ٿي سگهي ته هتي واقعو ٿئي ۽ دبئي ۾ ويٺل شخص تي الزام لڳائي ڇڏجي: پريس ڪانفرنس دوران ضياءَ لنجار چيو ته ميهڙ جي ٽيڻي قتل ڪيس ۾ حڪومت ڌر ناهي، حڪومت کي پنهنجي رٽ برقرار رکڻدي هوندي آهي، سردار چانڊيو ۽ برهان چانڊيو کي سزا ملي ها ته حڪومت ساڳئي طريقي سان منهن ڏئي ها، صحافي سوال ڪيو ته فيصلي بعد هوائي فائرنگ ڪئي وئي، ڇا ڪا ڪارروائي ٿيندي؟ ضياءَ لنجار جواب ڏنو ته فٽيجز ۾ واضح ناهي ته فائرنگ دادو شهر ۾ ٿي يا ڪنهن ڳوٺ ۾ ٿي، پوليس جو ڪم آهي ته قلم 144 تي عملدآمد ڪرائي، جيڪڏهن ڏهڪاءُ پکيڙيندڙ فائرنگ ٿي آهي ته ڪارروائي ٿيڻ گهرجي، هتي ڪراچي ۾ روزانو شادين ۾ فائرنگ ٿيندي آهي، ڪنهن جي خوشي ۾ فائرنگ ٿئي ٿي ۽ ڪو شڪايت ڪندڙ ناهي ته گهوٽ يا ڪنوار کي گرفتار ڪرڻ خراب عمل آهي.
 

ملڪ ۾ عدالتي مارشل لا جهڙي صورتحال آهي، چانڊيا ڀائر بيگناهه آهن ته پوءِ اصل قاتل ڪير آهن؟ : زين شاهه
 

دادو (رپورٽر) سنڌ يونائٽڊ پارٽي پاران رابطا مهم جي باقاعده شروعات جي موقعي تي پارٽي جي مرڪزي صدر سيد زين شاهه جي مان ۾ اڳوڻي سينٽرل ڪميٽي ميمبر ڪامريڊ نياز حسين پنهور پاران دادو پريس ڪلب ۾ آجياڻو ڏنو ويو تقريب ۾ سيد زين شاهه، روشن ٻرڙو، برڪت جتوئي، درياهه خان لغاري سميت ٻين اڳواڻن ۽ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر سيد زين شاهه چيو ته ملڪ جي وسيلن ۽ ملڪيتن تي ڪمپني سرڪار جو قبضو قائم ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سول حڪمراني جي نالي تي پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) اهڙي طرز حڪومت اختيار ڪئي آهي، جنهن سان ملڪ ۾ عملي طور عدالتي مارشل لا جهڙي صورتحال پيدا ٿي چڪي آهي. تقريب کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي سيد زين شاهه ميهڙ ۾ ام رباب چانڊيو جي ٽن گهر ڀاتين جي قتل ڪيس بابت آيل عدالتي فيصلي تي ردعمل ڏيندي چيو ته ڪيس جي نوعيت بابت وڪيل ۽ جاچ آفيسر وڌيڪ ڄاڻ رکن ٿا، پر حڪومت لاءِ اهو اهم سوال آهي ته جيڪڏهن جوابدار بيگناهه آهن ته پوءِ اصل قاتل ڪير آهن؟