| ميهڙ واقعي کي 8 سال مڪمل: ام رباب جي ٽن ڀاتين جي قتل جو فيصلو اڃا نه آيو |
ميھڙ (رپورٽ: عبدالرحمان قمبراڻي) ميهڙ ۾ 17 جنوري 2018 تي صبح جي وقت قتل ٿيل ام رباب جي والد، ڏاڏي ء چاچي اڳوڻي يو سي چيئرمين ڪرم الله چانديو ،تمندار ڪائونسل جي چيئرمين رئيس مختيار چانڊيو ۽ اڳوڻو ضلع ڪائونسل ميمبر قابل چانڊيو جي قتل واري واقعي کي 8 سال مڪمل ٿي ويا آھن، 8 سال گذرڻ باوجود مقتولن جي ڪيس جو فيصلو اچي نه سگهيو. مقتولن جا وارث انصاف جي اوسيئڙي ۾ آهن. ام رباب چانڊيو ماسات جي فوتگي سبب مقتولن جي 8 ورسي سادگي سان ملھائڻ جو فيصلو ڪيو آھي. ورسي جي موقعي تي گھر ۾ قرآن خواني ڪئي ويندي بعد ۾ مقتولن جي وارثن پاران مزارن تي حاضري پڻ ڀري ويندي ۽ ام رباب چانڊيو پاران ورسي جي موقعي تي اھم پريس ڪانفرنس ڪرڻ جو پڻ اعلان ڪيو آھي. ميهڙ واقعي بعد مقتولن جو قتل ڪيس پ پ پ ايم پي اي نواب سردار چانڊيو ، پ پ پ ايم پي اي برهان چانڊيو ، مرتضي چانڊيو ، ذوالفقار چانڊيو ، سڪندر چانڊيو ، علي گوهر چانڊيو ، عبدالستار چانڊيو ۽ اڳوڻو ايس ايڇ او فريدآباد ڪريم علي چانڊيو سميت 8 جوابدارن تي داخل آهي جنهن مان 4 جوابدار پ پ پ ايم پي اي سردار چانڊيو ، ايم پي اي برهان چانڊيو ، ستار چانڊيو ، اڳوڻو ايس ايڇ او ڪريم چانڊيو ضمانت تي آزاد آهن جڏهن ته 4 جوابدار جيل ۾ آهن.ميهڙ ۾ 17 جنوري سال 2018ع تي ميهڙ جي ڊي ايس پي آفيس ۽ ٻن ٿاڻن کان 100 ميٽر جي مفاصلي تي هٿياربندن حملو ڪري ام رباب چانڊيو جي ڏاڏي يو سي چيئرمين پ پ پ اڳواڻ ڪرم الله چانڊيو ، تمندار ڪائونسل جي چيئرمين مختيار چانڊيو ، پ پ پ طرفان ضلعي ڪائونسل جي ان وقت جي چونڊيل ميمبر قانون جي شاگرد قابل چانڊيو کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو هيو واقعي جو ڪيس پرويز چانڊيو جي مدعت ۾ داخل ڪيو ويو هيو جڏهن ته واقعي دوران حملي آورن مان ھڪ ڄڻو ام رباب چانڊيو جي ڪيس جو فريادي پرويز چانڊيو جو سهرو غلام قادر چانڊيو به موقعي تي جوابي فائرنگ ۾ مارجي ويو هو. ڪيس ۾ ڏيکاريل جوابدار پ پ پ ايم پي اي سردار خان چانڊيو ، ايم پي اي برهان چانڊيو پاران عدالتن ۾ حاضري دوران بار بار داعوه ڪندا رھيا آھن ته ام رباب چانڊيو جي وارثن جو پنهنجي ئي عزيزن مرتضي چانڊيو وارن سان پراڻو خوني تڪرار هلندڙ هيو جنهن تان ڌرين ۾ واقعو پيش آيو آھي اسان جو هن واقعي سان تعلق ناهي اسان کي عدالتن مان انصاف جي پوري اميد آھي.
400 کان وڌيڪ پيشيون: دادو جي عدالت ۾ ڪيس آخري مرحلي ۾ داخل
دادو(رپورٽ: ڪامران ڪورائي) دادو ۾ ام رباب چانڊيو جي ٽن گهر ڀاتين جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ماڊل ڪرمنل ٽرائل عدالت دادو ۾ ٿي گذري، جتي عدالت طرفان وڌيڪ ٻڌڻي 23 جنوري تائين ملتوي ڪئي وئي. ڪيس هن وقت آخري مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي، جنهن ۾ فريادي ڌر جي وڪيل ايڊووڪيٽ صلاح الدين پنهور پاران اڄ به تفصيلي دليل پيش ڪيا ويا عدالتي ڪارروائي دوران ٻڌايو ويو ته ڪيس ۾ سڀئي شاهديون مڪمل ٿي چڪيون آهن، جڏهن ته جوابدار ڌر جا وڪيل اڳ ئي پنهنجا دليل مڪمل ڪري چڪا آهن. فريادي ڌر جي وڪيل طرفان فائنل ڪمينٽس ڏنا پيا وڃن، جن جي مڪمل ٿيڻ بعد ڪيس جو فيصلو محفوظ ٿيڻ جا امڪان ظاهر ڪيا پيا وڃن. ياد رهي ته مقتولن جو قتل ڪيس نوشھرو فيروز ، دادو ، سکر , ميرپور ماٿيلو جي عدالتن ۾ منتقل ٿيندو رھيو جڏهن ته ڪيس بابت هاءِ ڪورٽ حيدرآباد سکر ، سپريم ڪورٽ ۾ به اپيلون ٿيون پر ھن وقت تائين ڪيس جو فيصلو ناھي ٿي سگھيو ڪيس جون هن وقت تائين تقريبن 400 کان وڌيڪ حاضريون ٿي چڪيون آهن. سپريم ڪورٽ پاران تڪڙو ڪيس هلائڻ ۽ 3 مهينن ۾ فيصلو ڏيڻ واري هدايتن تي به عمل ناهي ٿي سگهيو ڪيس جون مقتولن جي وارث ام رباب چانڊيو انصاف لاء عدالتن جا چڪر ڪاٽيندي رھي آھي ام رباب چانڊيو پاران بار بار عدالتن تي يقين جو اعلان ڪندي چوندي رھي آھي ته اسان جي ڪيس جي فيصلي ۾ دير ڪئي پئي وڃي پر انصاف ضرور ملندو.
سردار تاثر پيا ڏين ته ثبوت موجود ناهن، اسان مطمئن آهيون، انصاف ضرور ملندو: ام رباب
دادو: عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ام رباب چانڊيو چيو ته ڪيس سٺي نموني سان هلي رهيو آهي، جڏهن ته ڪجهه سردارن جي طرفان اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته شاهديون موجود ناهن، اهڙيون ڳالهيون صرف اسان کي مايوس ڪرڻ لاءِ ڪيون پئي ويون. هن چيو ته 4 حاضرين کان اسان جو وڪيل قانوني نقطن تي هڪ هڪ ڪري دليل پيش ڪري رهيو آهي، جنهن سان اسان مطمئن آهيون. ام رباب چانڊيو چيو ته سڀاڻي منهنجي ڏاڏي، چاچي ۽ والد جي شهادت کي 8 سال مڪمل ٿي رهيا آهن، ۽ اسان اڄ به ان ئي اميد سان عدالت ۾ آيا آهيون ته انصاف ضرور ملندو. هن الزام هنيو ته اسان جي گهر ۾ فوتگي ٿيل هئي ۽ تڏي تي ويٺل هئاسين ته سردارن جا هٿياربند ماڻهو گلي مان گذري اسان کي ڊيڄارڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا، پر اسان ڪنهن کان به ناهيون ڊڄيا ۽ نه ئي ڊڄنداسين هن وڌيڪ چيو ته جيڪي ماڻهو چون ٿا ته سردار خان جهليو آهي ۽ ڪيس مان نالا ڪڍرائڻ لاءِ جهيڙو نه ڪيو وڃي، انهن کي ٻڌائڻ ٿي چاهيان ته عدالتون ڪنهن جي جاگير ناهن ۽ نه ئي ٿاڻو آهن، هتي قانون هلندو. آخر ۾ ام رباب چانڊيو پوليس جي مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل نوجوان نادر جمالي جي معاملي تي به ڳالهايو. هن نادر جمالي جي قتل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي 18 جنوري تي ٿيندڙ ڌرڻي جي حمايت جو اعلان ڪيو.
اسان تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا، صحافي سڀ ڪجهه ڏسي ۽ ٻڌي رهيا آهن سردار چانڊيو
دادو: ايم پي اي سردار چانڊيو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته صحافي سڀ ڪجهه ڏسي ۽ ٻڌي رهيا آهن. هن چيو ته ڪڏهن چيو وڃي ٿو ته اسان کي آفيم کڻڻ تان جهليو ويو ۽ وري پاڻ چون ٿا ته اسان تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا. سردار چانڊيو دعويٰ ڪئي ته سڄي دنيا کي خبر آهي ته منشيات ڪير ٿو کپائي، جنهن شخص جو اسان مٿان الزام آهي ان خلاف 2005 کان سپريم ڪورٽ تائين جا ڪيس موجود آهن. سردار چانڊيو چيو ته اسان پنهنجي شاهدين تي مطمئن آهيون، حقيقت ڪنهن کان به لڪل ناهي. هن وڌيڪ چيو ته قتل جي وقت برهان خان ڪٿي ويٺو هو، ان جا ريڪارڊ به موجود آهن، جڏهن ته ان وقت جو ڊي آءِ جي حيدرآباد پڻ ساڻس گڏ هو، ٻن ڪلاڪن اندر قتل ڪري بدين پهچڻ ممڪن ناهي. هن دعويٰ ڪئي ته جن وٽ هو ويٺا هئا، انهن ئي شاهديون ڏنيون آهن. ان موقعي تي تمندار ڪائونسل جي فائونڊر ميمبر هجڻ جي دعويدار حنيف چانڊيو چيو ته تمندار ڪائونسل سماجي ڀلائي لاءِ ٺاهي وئي هئي، ان جو سردارن سان ڪو به واسطو نه هو، فريادين جا الزام اجايا آهن، اها ڪائونسل هاڻي ختم ٿي چڪي آهي.